لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام ڪنهن به پارٽي کي واضح اڪثريت ڏيڻ کانسواءِ سڀني کي گڏجي مسئلا حل ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي. لاڙڪاڻي ۾ بزرگن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته چونڊن ۾ عوام سياسي پارٽين کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، عوام ڪنهن هڪ پارٽي کي واضح اڪثريت نه ڏني آهي، عوام چاهي ٿو ته سڀ گڏجي مسئلا حل ڪن. هن چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، چونڊيل نمائندن جو مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار آهي، چونڊيل نمائندا عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبا تيار ڪن. هن چيو ته چونڊن ۾ مينڊيٽ ڏيڻ تي عوام جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان مشڪل حالتن ۾ آهي.