وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪيٽي بندر تي سامونڊي بندرگاهه جوڙڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پورٽس اينڊ شپنگ (ميري ٽائم افيئر) واري وفاقي وزير قيصر شيخ ڪورنگي فش هاربر جي صحيح ڪم ڪرڻ ۽ ٿر مان ڪوئلي جي برآمد لاءِ ڪيٽي بندر سي پورٽ جي قيام بابت ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) وچ ۾ زمينن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ گڏيل صلاح سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ارم سان ملاقات ڪري زمين سميت ٻيا مسئلا حل ڪري. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي بندرگاهه ايترو ته اوورلوڊ آهي جو سنڌ کي ڪوئلي ۽ ٻيون شيون برآمد ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي بندرگاهه جي ضرورت آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته هن ڪيٽي بندر کي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪيو هو پر جڏهن گذريل حڪومت (پي ٽي آءِ) جي دور ۾ سي پيڪ کي روڪيو ويو ته اهو منصوبو پٺتي پئجي ويو.  وفاقي وزير قيصر شيخ وڏي وزير کي چيو ته هو ان معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ هو ان جي پيروي به ڪندو ته جيئن ڪيٽي بندر منصوبي کي ترقي ڏئي سگهجي. وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جا ذخيرا گهڻا آهن ۽ ڪوئلي کي ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيٽي بندر کان موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي تائين روڊن جو ڄار وڇايو پيو وڃي جنهن سان اهم سامان ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڪراچي فش هاربر مهاڻن جي ٻيڙين سان ڀريل آهي ۽ وڌيڪ ٻيڙيون نٿيون اچي سگهن. ان تي وڏي وزير چيو ته هو ڪورنگي فش هاربر کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪراچي فش هاربر جو وڌندڙ بار گهٽ ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڪورنگي فش هاربر تي مهاڻن جي ٻيڙين کي سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ اتي هڪ نيلام گهر به ٺاهيو ويندو ته جيئن اهي مڇيون اتي وڪڻي سگهن. مراد علي شاهه پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير تي زور ڀريو ته هو صوبي جي ساحلي پٽي ۾ ماهيگيرن جي ڀلائي لاءِ ڪي منصوبا شروع ڪري. ان تي قيصر شيخ وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو سندس تجويز تي ڪم ڪندو. وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير ڪراچي جو معروف صنعتڪار آهي تنهنڪري کيس ڪراچي ۾ صنعتي شعبي جي ترقي ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو ڪراچي، ٺٽو ۽ حيدرآباد ۾ صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.