اسلام آباد (ع آ نيوز):صدر آصف زرداري ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پي ٽي آءِ جي سرگرمين ۽ سندس ڪي پي حڪومت کان ناراض آهن ۽ عيد کانپوءِ ڪي پي ڪي اسيمبلي کي معطل ڪري صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. تازو صدر ۽ آرمي چيف ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته قومي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کانپوءِ صدارتي حڪم جاري ڪري صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته ججن جي خط واري معاملي تي عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ پئدا ٿيل تڪرار وڌڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ هنگامي حالتن لاڳو ڪرڻ جو به صدارتي حڪم جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف صدر آصف زرداري آرمي چيف کي يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ تي راضي ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ انوار الحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو. هاڻي اها ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ تان هٿ کڻي وئي آهي،جنهن کانپوءِ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين بڻجڻ جو رستو صاف آهي، پيپلزپارٽي وٽ ميمبرن جي عددي اڪثريت آهي، نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين جا ميمبر يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪندا ۽ هو سينيٽ چيئرمين ٿي ويندو.