حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين ڏهاڪن کان گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ لکين زمينون ڳڙڪائي ويو، سامونڊي پٽي تي رڳو تباهي، بک، بدحالي ۽ بيمارين سالن کان ديرا ڄمائي رکيا آهن، ڊيلٽا ته مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، پر هاڻ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سميت لاڙ پٽ مختلف شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي پيئڻ لائق صاف پاڻي ملڻ به هڪ خواب بڻجي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم وٽ نالي جيان وهندڙ ۽ دٻن جي صورت ۾ بيٺل پاڻي جي چڪاس بعد پاڻيء جي زهريلو هجڻ واري انڪشاف بعد حڪومت، آبپاشي کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ واسا جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچيل هو، ان لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ واسا پاران مختلف طور طريقا استعمال ڪيا ويا، پر هاڻ آبپاشي کاتي ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيڻ بعد منڇر ڍنڍ جي پاڻي جو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو آهي، منڇر مان مسلسل پاڻي ڇوڙ سبب ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ ٽي ڊي ايس جو مقدار 800 ملي ليٽر في ليٽر تائين وڃي پهتو هو، ان ڪري حيدرآباد سميت لاڙ پٽ جا اهي سمورا علائقا جيڪي سنڌو درياهه جي وسيلي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪندا هئا انهن علائقن جا ماڻهو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور هئا. آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب گذريل ٻوڏ کان وٺي منڇر مان مسلسل ڇوڙ سنڌو ۾ ٿي رهيو هو، جنهن ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿي ويو هو، ان ڪري ڪالهه کان منڇر مان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇوڙ کي بند ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته منڇر به ڪيتري ئي عرصي کان زهريلو آهي، منڇر ڍنڍ ڏينهون ڏينهن تباهه ۽ برباد ٿيندي پئي وڃي. اڳوڻين ٻن وفاقي حڪومتن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 27 ارب روپيا آر بي او ڊي منصوبي لاءِ منظور ڪيا ويا، جيڪي منڇر ڍنڍ تي خرچ نه ٿي سگهيا، منڇر ڍنڍ ۾ ايم اين وي ڊرين ذريعي زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب منڇر زهريلو ٿيو هو، منڇر ڍنڍ ۾ مڇي جا نسل ختم ٿي ويا هئا، منڇر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جا رهواسي اهو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور هئا. جڏهن لاڙ پٽ جي اڪثر علائقن جيان منڇر واري علائقي جو جر به زهريلو ٿيل آهي، پاڻي ٽيسٽ ڪندڙ مختلف ادارن جي رپورٽن ۾ پڻ اهڙا انڪشاف ٿيندا رهيا آهن. منڇر جي تباهي جو واپڊا اسڪارپ کاتي سوڌو سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن کي ذميوار قرار ڏنو ويندو رهيو آهي.