لاڙڪاڻي ۾ احتجاج دوران گرفتار ڪيل آزاد، نصيرآباد ۾ استقبال

نصيرآباد (ن ع آ) جسٽس فار هدايت ﷲ لوهار جي سڏ تي 17 مارچ تي لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪندڙ نصيرآباد واسين کي گرفتار ڪري، مٿن  مارڪيٽ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪري، جيل موڪليو ويو هو، جن جي ضمانت ۽ آزاد ٿيڻ بعد اڄ  ڊگري ڪاليج نصيرآباد وٽ سندن استقبال ڪيو ويو. هن موقعي تي سورٺ لوهار، سسئي لوھار ۽ ٻيا شھري پڻ شامل رهيا. مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ آرٿر شاخ جي پل تي پھچي ڪامريڊ هدايت ﷲ لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.