ڪراچي ( رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سيڪريٽريٽ ڪميٽي جو اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ بورڊ، چيئرمين اينٽي ڪرپشن سميت سمورن سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سمورن ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن ڪيسن، ترقياتي منصوبن، ملازمن جي پينشن آٽوميشن، ڪورٽ ڪيسز، ملازمن جي پروموشن، ڊسپلينري ايڪشن، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت ٻين ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جنوري 2023ع کان هاڻي تائين مختلف کاتن اينٽي ڪرپشن کي 99 ڪيس موڪليا آهن، جن مان اينٽي ڪرپشن 21 ڪيس حل ڪيا آهن، جڏهن ته 78 ڪيس التوا ۾ آهن. خوراڪ کاتي جي ڪيسن جو انگ 46 آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سرڪاري ملازمن خلاف ڊسيپلينري ايڪشن جا 1285 ڪيس التوا ۾ آهن جن مان سڀ کان وڌيڪ 562 ڪيس اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ آهن. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن وقت مختلف کاتن ۾ 204 پينشنز جا ڪيس التوا ۾ آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته مختلف کاتن کي 2023ع کان وٺي هن وقت تائين صدر پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان 2745 حڪم ۽ شڪايتون مليون آهن، جن مان 2369 کي حل ڪيو ويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه چيو ته ملازمن جي پينشنز ۾ دير جون ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، پينشنز ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پينشنز کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ سمورن کاتن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪندو. چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ لوئر جڊيشري ۾ وقت تي جواب داخل ڪرايو وڃي. سمورا ادارا عدالتي ڪيسن لاءِ الڳ سيڪشن ٺاهي ۽ 3 ڏينهن اندر فوڪل پرسن مقرر ڪن. چيف سيڪريٽري سنڌ ريٽائرڊ آفيسرن کان استعمال هيٺ ٿيندڙ سمورين سرڪاري گاڏين جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته سمورا ادارا فوري طور تي رٽائرڊ آفيسرن کان گاڏيون گهرائڻ جو حڪم ڏين.هن وڌيڪ چيو ته سمورا ڊپٽي ڪمشنر زمينن تي قبضا ختم ڪرائڻ کي يقيني بڻائين، هن چيو ته مختلف منصوبا ان وجه سان وقت تي مڪمل نه ٿي رهيا آهن ته انهن منصوبن کي روينيو کاتي پاران زمين فراهم نه ڪئي پئي وڃي.