پاڪستان جي معيشت اڀرڻ جي اميد، مهانگائي گهٽجڻ جي اڳڪٿي

نيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي ۽ مهانگائي گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. يو اين اڪنامڪ سروي موجب هلندڙ مالي سال 25-2024 ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي تيز ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ حقيقي اوسر جي شرح ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ هوندي، جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 26 مان گهٽجي 12.2 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. يو اين اڪنامڪ سروي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي عدم استحڪام معاشي ترقي، ڪاروبار ۽ شهرين کي متاثر ڪيو، 2022 جي ٻوڏ جي تباهي سان زرعي پيداوار ۽ معيشت متاثر ٿي پر 2023 ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي ۽ دوست ملڪن جي مدد سان معيشت سنڀلجڻ شروع ٿي. اڪنامڪ سروي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سبسڊيز جي خاتمي ۽ مالي ضابطن سان معاشي استحڪام اچڻ شروع ٿيو، جي ڊي پي جي لحاظ سان ٽيڪس جي شرح گهٽ آهي. سروي موجب ايشيا پيسفڪ جي ترقي پذير ملڪن کي مناسب ۽ وڏي مدي تائين وسيلن جي ضرورت آهي، ترقي پذير ملڪن کي چونڊ ڪرڻي هوندي آهي ته اهي وڌيڪ وياج جي شرح تي ورتل گذريل قرض لاهڻ تي خرچ ڪن، جڏهن ته ٻي چونڊ اها هوندي آهي ته اهي پنهنجي عوام جي تعليم، صحت ۽ سماجي بهري لاءِ وسيلا خرچ ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.