ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ فيڊرل بي ايريا مان گم ٿيل شهري جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .شهري جي وارث ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا ، درخواستگذار جي وڪيل جو موقف آهي ته پوليس اهلڪار شهري کي گهر مان پاڻ سان وٺي ويا درخواست ڏيندڙ جي وڪيل طرفان ثبوت طور يو ايس بي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. درخواستگذار جو وڪيل چيو ته پوليس موبائل نمبر سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهري کي گهر مان ڇو حراست ۾ ورتو ويو ؟ جاچ آفيسر چيو ته پوليس اهلڪار شهري کي پاڻ سان ناهن وٺي ويا ، شهري جي آزادي لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جاچ آفيسر چيو ته گاڏي جو نمبر سوزوڪي جو ٻڌايو پيو وڃي جيڪا هن وقت سکر ۾ آهي.عدالت جاچ آفيسر جي ردعمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پوليس موبائل واضح طور تي نظر اچي پئي. جسٽس خادم حسين تنيو چيو ته توهان جي غلط بيانن تي توهان کي معطل ۽ گرفتار ڪريون ٿا. جاچ آفيسر غلط بياني تي عدالت کان معافي وٺي ڇڏي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اسان توهان کي 9 اپريل تائين آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون ته گم ٿيل شهري کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت چيو ته شهري کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ته توهان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڊي آءِ جي کي به طلب ڪيو ويندو. عدالت 9 اپريل تائين شهري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.