ڪشمور ( ڊ ر ) ڪشمور جي ڳوٺ جاني خان چاچڙ واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان صحافي ڄام اصغر چاچڙ کي پنج کان وڌيڪ ھٿياربندن گھر طرف ويندي رستي وٽ اڳ وٺي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش دوران ھٿياربندن سينيئر صحافي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني ٻانهن ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڪشمور جي خانگي اسپتال ۾ طبعي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي ڪشمور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي صحافي برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ خانگي اسپتال پھچي ويا ڪشمور پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ صحافي مٿان قاتلاڻي حملي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ڪشمور پريس ڪلب جي صحافين غلام فريد ڄامڙو، دليپ ڪيسواڻي جيئرام بجاج ،درشن لعل ڪيسواڻي انيل بجاج ساجن شيخ ،محمد شريف ڄامڙو شفيق احمد مزاري، احمد علي سيال غلام حيدر پيرزادو، گلزار احمد مغل تاج کوسو ماجد مزاري ۽ ٻين صحافين پاران سينيئر صحافي ڄام اصغر چاچڙ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سڀاڻي احتجاج جو سڏ ڏيئي ڇڏيو ايس ايس پي ڪشمور کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو