ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير سينٽرل ضلعي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٻن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس ورتو. تفصيل مطابق سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي جي علائقي سينٽرل ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 2 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي گهرو ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو وزير معصوم شهرين جي قتل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) بلال ڪالوني ۽ شاهراهه نورجهان کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان صوبائي وزير چيو آھي تھ انساني جانين جو ڪو به متبادل ناهي، اهڙن واقعن تي ايس ايڇ اوز سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.