هڱورجا (رپورٽ: قاصد الله آرائين) سنڌ کي ڌاڙيل ۽ چورن، ڦورن جي حوالي ڪرڻ خلاف ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان شروع ڪيل احتجاجي مهم جي سلسلي ۾ سکر کانپوءِ سڳيون شھر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي صدر پروفيسر منور ٽالپر ڪئي، جلوس ۾ شريڪ ماڻهن پريا ڪماري ۽ ٻين اغوا ٿيل ٻارن ۽ اغوا ٿيل شھرين جي آزادي جي لاءِ سخت نعريبازيڪئي، امداد قاضي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستاني رياست سنڌ جي مزاهمتي ڪردار کي دٻائڻ ۽ عوام کي بد حڪمراني مهانگائي ۽ بي رزگاري خلاف جدوجهد کان روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي سنڌ ۾ بد امني پيدا ڪرائي آھي، سنڌ ۾ حڪمران وڏيرا پنهنجي راند کيڏي رهيا آهن، ڌاڙيلن معرفت اغوا برائي تاوان جو ڪاروبار ڪري رهيا آھن ته ٻئي طرف رياست تي حاوي قوت ان جو بهانو بنائي هڪ طرف ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمينن تي قبضي ڪرڻ ۽ وڏي پيماني تي فوجي آپريشن جون تياري ڪري رهي آھي، ڪنهن آپريشن بدران پاليسي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪامريڊ امداد قاضي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي وفاقي سڪيورٽي ادارا 90 جي ڏهاڪي کان ويٺل آھن ۽ سنڌ جي بجيٽ مان رقم به وٺي رهيا آھن پر امن امان جي صورتحال هي آھي ته سنڌ يرغمال بڻجي چڪي آھي ان ڪري ان ڌنڌي ۾ ملوث انهن وڏيرن ۽ سردارن کي گرفتار ڪري ڌاڙيلن کي هٿيارن جي سپلاءِ بند ڪرائي وڃي ته پوليس ئي انهن کي ختم ڪري سگهي ٿي، سنڌ هاري ڪاميٽي صدر پروفيسر منور ٽالپر چيو ته ڌاڙيلن کي فوج وارا هٿيار ڪٿان ملي رهيا آھن ڇا اهي ئي انهن جي سرپرستي نه ڪري رهيا آھن، سوشل ميڊيا تي ڪو نوجوان جذباتي پوسٽ رکي ٿو ته رات پيٽ ۾ کنڀجي ٿو وڃي پر ڌاڙيل سوشل ميڊيا تي روز لائيو اچي پوليس کي ڌمڪيون ٿا ڏين اغوا ٿيلن تي جسماني تشدد جون وڊيوز ٿا هلائين ليڪن انهن کي ڪوبه هٿ نه ٿو لائي، ٻنهين اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جو عوام روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪري جيستائين هنن حڪمرانن خلاف روڊ رستن تي نه ايندو تيستائين انهن جي زندگي يرغمال بڻيل رهندي، ريلي کي ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي ضلعي خيرپور جي سيڪريٽري محمد صالح سومرو ۽ غلام علي دربان پڻ خطاب ڪيو.