ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بدامني وڌي وئي، شهر ۾ هڪ ڪلاڪ دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪراچي ۾ هڪ ڪلاڪ دوران فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪراچي ۾ فائرنگ جا واقعا نيو ڪراچي پاور هائوس ۽ نارٿ ڪراچي انڊا موڙ وٽ پيش آيا، نيو ڪراچي ۾ فائرنگ سبب شهري مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، پوليس موجب ڪاٺيا واڙ پاڙي ۾ ڦورو ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته ڏوهارين مزاحمت تي شهري کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس ٻڌايو ته جوابدار واردات بعد فرار ٿيڻ لڳا ته عوام پيڇو ڪيو جنهن تي جوابدارن پيڇو ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو، ٻئي واقعي ۾ ڪراچي انڊا موڙ جي ويجهو ڦورن جي فائرنگ ۾ پيرسن شخص مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 70 ورهين جي شجاعت جي نالي سان ٿي، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڦر جي واقعن ۾ مزاحمت تي قتل ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 52 ٿي ويو.