ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪالهه مون اسٽريٽ ڪرائم خلاف بيان ڏنو، جواب ڏنو ويو ته توهان پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، سنڌ جي گهرو وزير بيان ڏنو ته جتي ڪاروبار هوندو اتي ڏوهه به ٿيندو، پر دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو،گورنر چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڪراچي ۾ ڏوهن جو نوٽيس وٺي،سنڌ ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن جو اثر به وڌي رهيو آهي،هن چيو ته اڄ گورنر هائوس ۾ مديني رياست جا اصول لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي 50 هزار ماڻهن لاءِ آءِ ٽي يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون.