9 مئي واقعا: پي ٽي آءِ باني جي درخواست بريت تي دليل طلب

اسلام آباد( م ڊ) ڊسڪٽرڪٽ اينڊ اسلام آباد پي ٽي آءِ باني جي درخواست جي بريت تي دليل  طلب ڪري ورتا،  پي ٽي آءِ باني جي  خلاف  کنا ٿاڻي ۾ داخل 9 مئي جي واقعن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جو وڪيل نعيم پنجوٿا پيش ٿيو،  جنهن پي ٽي آءِ  باني جي درخواست بريت داخل ڪري ڇڏي،

جوڊيشل مئجسٽريٽ سهيل بلال ان کان سواءِ ڪيو ته پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس جو چالان جمع ٿي ويو آهي،

ان تي ڪيترا ڪيس رهن ٿا، وڪيل نعيم پنجوٿا جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ باني جي توشه خاني جي سزا معطل ٿي چڪي، عدت ۾ نڪاح ۽ سائبر ڪيسز ۾ سزائون اڃان باقي آهن، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت ڪرائڻي  آهي، عدالت پي ٽي آءِ باني جي درخواست بريت تي 15 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي دليل طلب ڪري ورتا.

  1. عمران خان جو ڏوهه اهو آهي ته هن حڪومت ڪيرائڻ بابت عوام کي ٻڌايو: عليمه خان

اسلام آباد ( م ڊ )  پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان جو ڏوهه اهو آهي ته هن عوام کي حڪومت ڪيرائڻ بابت ٻڌايو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان وڌيڪ چيو ته غداري انهن سان ٿي رهي آهي جن جا ووٽ چوري ٿيڻا هئا.

  1. ڪينيڊا ۾ گرفتار پي آءِ اي جي ايئرهوسٽس ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران تفصيل طلب

اسلام آباد (م ڊ )  پاڪستان انٽر نيشنل ايئرلائنز جي هڪ سينيئر عهديدار چيو آهي ته ڪينيڊيل  عملدارن پاران پابندي پيل شين کڻي وڃڻ تي حراست ۾ ورتل پي آئي اي ڪيبن ڪيريو جي هڪ ميمبر حنا ثاني جي  ڪيس بابت ايف آئي اي   قومي ايئرلائن جي انتظاميا کان تفصيل گهري ورتو،  لاهور ٽورنٽو جي اڏام   ۾ پي آئي اي عملي  جي ميمبر حنا ثاني کي اڻ لاڳاپيل ماڻهن جا پاسپورٽ، اميگريشن اسٽيمپ ۽ جوتن ۾ ميبينا طور تي لڪايل هڪ پابندي پيل شئي کڻي وڃڻ جي الزام ۾ حراسان ۾ ورتو ويو، پي آئي اي  اتنظاميا حنا ثاني کي ڪينيڊيا وڃڻ جي اجازت ڏيندڙ عملي جي شيڊيولر ۽ ڊپٽي جنرل مئجينر کي انڪوائري ۾ شامل ڪري معاملي ۾ پنهنجي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.