غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي بربريت جو سلسلو جاري آهي، 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد ۽ 83 زخمي ٿي پيا.غزا جي صحت واري وزارت موجب گذريل سال آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 32 هزار 975 ٿي ويو آهي جڏهن ته 75 هزار 577 فلسطيني زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج جون ڇاپي جون ڪارروايون جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 3 فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.غزا ۾ الشفا ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر فوري طور تي فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته الشفا اسپتال هميشه لاءِ تباهه ٿي وئي آهي،
ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسان وٽ زخمين کي بچائڻ جو ڪو به وسيلو ناهي، گڏيل قومون جاچ ڪن . ٻئي طرف فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسيڪا البانيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي فوج ڄاڻي واڻي ڪري ديرالبله ۾ آمريڪي امدادي گروپ ورلڊ سينٽرل ڪچن جي قافلي تي حملو ڪيو.