ججن کي خط ملڻ سنگين معاملو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي:بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ججن کي ملندڙ خطن تي اختيارين کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته ججن کي خط ملڻ سنگين معاملو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن خط ۾ لکيو ته عدليه جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عدليه ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، عدليه ۾ آزاد جج هجڻ گهرجن جيڪي بنا خوف جي فيصلا ڪن، عدليه جي آزادي جو تحفظ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي.

بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ان آئيني ذميواري کي هر صورت ۾ نڀائيندي، سپريم ڪورٽ جو ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ خوش آئند قدم آهي، سپريم ڪورٽ کي خط تي پاڻ جاچ ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته حڪومت جي ٺاهيل ڪميشن کي سول ججن جي برابر ئي اختيار آهن، سپريم ڪورٽ مداخلت ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.