زيادتي ۽ ٻارن تي تشدد ڪيس:پنجاب ۾ تڪڙي انصاف واريون عدالتون ٺاهڻ جو فيصلو

لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت زيادتي ۽ ٻارن تي تشدد جي ڪيسن جي تيز رفتار ٽرائل لاءِ اسپيشل اسپيڊي ٽرائل ڪورٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن ڪيسن کي انهن عدالتن ذريعي تيز ترين ٽرائل ڪري منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته هرجاڻي واري قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي، جنهن تحت  هتڪ عزت ڪيس ۾ 90 ڏينهن ۾ڊگري ۽ 180ڏينهن ۾ ٽرائل ختم ڪرڻو پوندو، وڏي وزير مريم نواز صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙن الزامن جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.