عمران لاءِ 7 سيل مختص، ماهوار 12 لک خرچ اچي پيو

لاهور(م ڊ) ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو آهي ته اڊيالا جيل ۾ عمران خان لاءِ 7 سيلز مخصوص آهن، هڪ سيل ۾ کيس رکيو ويو آهي جڏهن ته چوڌاري 6 سيل به سندس لاءِ مخصوص آهن. پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان تي جيل ۾ ماهوار 12 لک رپيا خرچ اچي رهيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جي  لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي.  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان تحريڪ انصاف لائرز فورم جي صدر افضال عظيم پاهٽ طرفان داخل ڪئي وئي، درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيل اختيارين سيڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن تي پابندي لڳائي رکي آهي. پي ٽي آءِ باني جي حياتي کي جيل ۾ خطرو آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي زندگي کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان ريمارڪس ڏنا ته شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار بنجڻ جي ضرورت نه آهي، اهو وڏو اهم معاملو آهي اسان انهي معاملي ۾ هر ڪنهن کي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.