سرحد ويجهو پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، مقابلو، مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ڌرڻو

سرحد/ گهوٽڪي/ ماٿيلو ( نمائندن وٽان) گهوٽڪي ويجھو پوليس ۽ رينجرس جو گڏيل آپريشن،  ڏوهارين سان مبينا مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، مقتول جي وارثن لاش ايس ايس پي آفيس اڳيان رکي احتجاج ڪندي ڌرڻو، سرحد ٿاڻي جي حد نئين روڊ ڀرسان  باگو ڊھو جي ڪچي واري علائعقي ۾ پوليس ۽ ريجنرس جي گڏيل آپريشن دوران ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو هڪ  مبينا ڏوھاري غلام نبي کوسو مارجي ويو، گهوٽڪي پوليس جو چوڻ آھي ته ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو هڪ ڏوهاري غلام نبي کوسو مارجي ويو، هُن جا 4 ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوھاري غلام نبي کوسو جي ڏوھن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، مارجي ويل ڏوھاري جو تعلق ڳوٺ نظر محمد کوسو سان آهي، واقعي کانپوءِ پوليس مارجي ويل مبينا ڏوھاري جو لاش تعلقا اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.ٻئي پاسي مارجي ويل ڏوهاري جي وارثن لاش ايس ايس پي آفيس آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي بيگناهه نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي،

اگر هو ڏوهاري هو ته ان بابت ڪيس ظاهر ڪيا وڃن، پوليس اسان سان ناحق ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ڊي ايس پي سي آءِ اي منير ڦلپوٽو جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.