عمران خان ۽ شاهه محمود ڪو به راز فاش ناهي ڪيو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان جائزو ورتو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بيانن ۾ ڪو به راز سامهون ناهي آيو.هن چيو ته هڪ طرف ڊي مارش ڪري رهيا آهيو ته ٻئي طرف چئي رهيا آهيو ته ان  ملڪ سان لاڳاپا خراب نه ٿيڻ گهرجن. توهان ان ملڪ سان لاڳاپا خراب نه ٿيڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان هاٿي ڪڍي ڇڏيو، هاڻي پڇ به ڪڍو.چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾  سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته سائفر ڪڏهن به عوام ۾ نه پڙهيو ويو. جڏهن ڪيس ٻه ڀيرا ريمانڊ ٿي بيڪ وڃي ته جج کي احتياط سان ڪيس ٻڌڻ گهرجي.جوابدارن جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته ٻنهي اپيل ڪندڙن  کان ڪا به وصولي ناهي ٿي، ڪنهن به جوابدار وٽان سائفر جي ڪاپي نه ملي آهي، ايف آءِ اي غلط ڪيس ٺاهيو ۽ ٽرائل ڪورٽ به غلط سزا ڏني. هن وقت تائين سائفر ڪيس ۾ ڪنهن به فرد خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.