سنڌ حڪومت پاران اينٽي ڪرپشن کاتي ۾قانوني سڌارا آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران اينٽي ڪرپشن کاتي ۾قانوني سڌارا آڻڻ، عوام کي دوکو ڏيندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي، پراسيڪيوٽرز ۽ جاچ آفيسرن آئي اوز کي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ قانوني سڌارا آندا وڃن ۽ عوام کي دوکو ڏيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اينٽي ڪرپشن ۾ سمورن خالي نوڪرين تي اي ايس آئي، انسپيڪٽرن، سب انسپيڪٽرن سميت 400 ڪانسٽيبلن کي آءِ بي اي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڀرتي ڪرڻ جا قدم کنيا ويندا. صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن کاتي جي تعارفي اجلاس جي صدارت ڪندي آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو ته ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي، ڪرپشن ڪرڻ وارن آفيسرن کي ڪنهن صورت ۾ بخشيو نه ويندو، انهن جي خلاف ملڻ وارين شڪايتن تي فوري طور تي ايڪشن ورتو ويندو. سردار محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن آفيسر ڪيسن کي نمٽائڻ لاءِ باقاعده اجلاس منعقد ڪن ۽ پنهنجي زونز ۾ سرپرائز دورا ڪري، ڪرپشن جي بابت آگاهي سيمينار، واڪ ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي مهم هلائن، اينٽي ڪرپشن کاتي جا آفيسر ميرٽ تي ڪم ڪن. اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ماڻهن سان پروفيشنل رويو اختيار ڪن ۽ ڪنهن کي به غير ضروري تنگ نه ڪن، جيڪڏهن ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن کاتي جي چيئرمين فرحت جوڻيجو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2018ع کان هن وقت تائين 329 سرپرائز دورا ۽ 59 سرڪاري آفيسرن کي هٿون هٿ رشوت وٺندي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڏکڻ، اوڀر، اولهه، حيدرآباد، ڄامشورو. شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي ۾ 158 هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت جوڻيجو اجلاس ۾ صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي 9 زونن ۾ 775 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڪرپشن جا ڪيس ثابت ٿيا جن ۾ 66 آفيسرن کي سزا ڏني وئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽرن تجويز ڏني ته کين اختيار ڏنا وڃن ته اهي جعلي درخواستون داخل ڪرائيندڙن خلاف قلم 182 تحت ڪارروائي جا اختيار ڏنا وڃن، جڏهن ته جعلي درخواستون جمع ڪرائيندڙن جا نالا بليڪ لسٽ ۾ داخل ڪيا وڃن ته جيئن ٻيهر ڪو به جعلي درخواستون داخل نه ڪري سگهي. ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ امتياز ابڙو ۽ ٻين آفيسرن محمد بخش مهر کي ڪرپشن ڪيسن تي بريفنگ ڏني، اداري ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي آفيسرن جي جائزي جو پلان پڻ تيار ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.