پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ اهليت جي معيار 30 ارب هجڻ لازمي قرار

اسلام آباد ( م ڊ )  نجڪاري ڪميشن بورڊ قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ اهليت جي معيار جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نجڪاري  ڪميشن بورڊ پاران پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ اهليت جي معيار جي منظوري کانپوءِ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، هي پري ڪوليفڪيشن ڪميٽي ٻولي لڳائيندڙ جي اهليت جي معيار لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. پي آءِ اي جي نيلامي لاءِ ٻولي لڳائيندڙ جي ڪاروباري قدر گهٽ ۾ گهٽ 30 ارب هجڻ رکي  وئي آهي جڏهن ته ٻولي لڳائيندڙ جي ڪنسورشيم جي سالياني ڪل آمدني 200 ارب رپيا ظاهر ڪرڻي آهي. سول ايوي ايشن ايڪٽ تحت، پرڏيهي ايئر لائن پاڪستاني ايئر لائن ۾ اڪثريت جي حصيداري حاصل نه ڪري سگهي ٿي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي مقامي سيڙپڪارن سان ڀائيواري ڪرڻ گهرجي. حڪومت وٽ پي آءِ اي جا 96 سيڪڙو اسٽيڪ آهن ۽ 51 سيڪڙو شيئر نيلام ڪرڻ لاءِ ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن. قابليت جو بيان جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 3 مئي مقرر ڪئي وئي آهي،  ڇاڪاڻ ته حڪومت پي آءِ اي کي هن سال جون تائين وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.