سپريم ڪورٽ ڪراچي آڏو اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي ٻاهران گجر نالا ۽ اورنگي ٽائون نالا جي متاثرن احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ متاثرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، احتجاج ۾ عورتن، ٻارن ۽ مردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙ متاثرن جو چوڻ آهي ته آگسٽ 2023 جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اسان کي ٻه آپشن ڏنا ويا هئا، احتجاج ڪندڙ متاثرين جو چوڻ آهي ته اسان هڪ (الف) آپشن قبول ڪريون ٿا، اسان کي پلاٽ ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ پوري رقم ڏني وڃي، اسان کي اڃا تائين چيڪ نه ڏنا ويا آهن، ٻه سال اڳ سنڌ حڪومت يقين ڏياريو هو پر عدالتي حڪم جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.