گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن کي 80 گز جا پلاٽ ڏينداسين: سنڌ حڪومت

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر، محمود آباد ۽ اورنگي ٽائون نالن جي متاثرن جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت 6 هزار 932 متاثرن کي ايم ڊي اي ۾ 80 گز جا پلاٽ ڏيندي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران منظور ڪيل تعميراتي رقم پڻ ادا ڪئي ويندي، رپورٽ موجب 28ڊسمبر 2023 تي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو اجلاس ٿيو ۽ 8جنوري 2024ع تي سنڌ ڪابينا متبادل پلاٽ ۽ تعمير لاءِ رقم جي منظوري ڏني، رپورٽ چيو ويو آهي ته 6 هزار 932 متاثرين کي 80 گز جا پلاٽ ۽ اڏاوت لاءِ ڏھ ڏھ لک رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، متاثرن کي اٽڪل 7 ارب رپيا اڏوتون ڪرڻ جي مدد ۾ ڏنا ويندا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاوضي جي ادائيگي بابت ڪراچي جي ڪمشنر  کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، پلاٽ ۽ اڌاوت جي خرچ جي ادائيگي لاءِ 6 مهينن جو وقت گهربل آهي، رپورٽ چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل ايم ڊي اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پلاٽ بابت پي سي ون تيار ڪيو وڃي. رپورٽ چيو ويو آهي ته ناڻي وارو کاتو تعميرات بابت ڪراچي جي ڪمشنر جي پلان موجب اٽڪل 7 ارب رپيا جاري ڪندو، متاثرن جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي، تعمير بابت جيڪو ڪاٿو لڳايو ويو آهي اهو الڳ الڳ آهي، جسٽس محمد علي مظهر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪٿي آهي، عدالت چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي، جسٽس محمد علي مظهر وڌيڪ چيو ته صلاحڪار کي مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه هئي،

پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي موڪلڻ گهرجي ها، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل  تي سڀني کي اعتماد آهي، هي توهان جو شهر آهي، توهان کي ئي هن کي آباد ڪرڻو پوندو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.