پاڪستان کي ترقي شرح ۾ واڌ باوجود جولاءِ ۾ 24 ارب ڊالر امداد گهربل

واشنگٽن(م ڊ) بلوم برگ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معيشت اڳڀرائي ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال ۾ ترقي جي شرح ٻيڻي ۽ بتدريج وڌي ويندي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال مهانگائي ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي. بلوم برگ موجب آءِ ايم ايف جو نئون بيل آئوٽ پروگرام معاشي ترقي کي وڌيڪ تيز ڪندو.استحڪام ايندو، مهانگائي جي شرح گذريل 22 مهينن ۾ پهريون ڀيرو 20.7 سيڪڙو جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي ۽ 2 سالن کانپوءِ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال ۾ 24 ارب ڊالرن جي پرڏيهي مالي امداد جي ضرورت پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.