ججز کي خط ملڻ تي هاءِ ڪورٽ جي ججن ڊي آءِ جي پوليس کي ڇنڊ پٽي: عمر ايوب

اسلام آباد (م ڊ)  قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان چيو  آهي ته ججز کي خط ملڻ تي هاءِ ڪورٽ  جي ججن ڊي آءِ جي پوليس ڇنڊ پٽي، اسلام آباد پوليس هن وقت تائين هن معاملي جي جاچ ۾ ناڪام نظر آئي آهي، هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اسان عدليا کي اماڻيل اهڙن خطن جي مزمت ڪريون ٿا، جنهن لفافي ۾ پائوڊر اماڻيو ويو ان جا فنگر پرنٽ چيڪ ڪيا وڃن ٿا، سي سي ٽي وي فوٽيج يا ٻيا کوڙ اهڙا سبب آهن، جنهن تي پرکي سگهجي پيو، عمر ايوب چيو ته بدقسمتي سان اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس ڪرپٽ ترين کاتا بڻجي چڪا آهن، هن پوليس آفيسرن ڪم صرف پي ٽي آءِ ورڪز کي گرفتار ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.