هن وقت رات جا ٽي ٿيا آهن، ٿوري دير پهريان جڏهن ڪلينڊر ڏٺم ته چوٿين اپريل جي تاريخ تي نظر پئي پورو شهر اڄوڪي ڏينهن کي اڳوڻي وزير اعظم جي ڦاهي چڙهڻ جي ڏينهن طور ياد رهيو آهي پر منهنجي اکين اڳيان سائل پيرزادي جو چهرو ڇانيل آهي جنهن جو اڄ جنم ڏينهن آهي هن جي چهري منجهان اداسي ۽ درد جو درياهه چٽو نظر ايندو آهي، سورن جي ڪيئي سال هن اڪيلائي ۾ گذاريا آهن هي دوستن ۾ ٽهڪ ضرور ڏيندو آهي پر انهن ٽهڪن جي پردي پويان جيڪا اداسي جي ڊگهي لهر هوندي آهي ان جو اندازو چند ماڻهو ئي ڪري سگهندا آهن، هي حساس دل شاعر، قربائتو، ايماندار ۽ مخلص ماڻهو جڏهن ڳوٺ جي بند مٿان گهمندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪوئي بيچين روح پنهنجي پناه گاه ڳولهي رهيو هجي.
ساڳئي طرح هي سڪرنڊ، نوابشاهه جي ننڍڙن هوٽلن، ريل اسٽيشنن، روحل واهه جي رستن ۽ چيلهار جي مندرن ۾ به پنهنجي وجود جي معني ڳولهڻ ويندو آهي، سائين حڪيم علي ارشد کان ويندي ثناءُ الله خاصخيلي جي وڇوڙن جو ڏک به هن جي اکين ۾ صاف نظر ايندو آهي، هن جو تعارف هي به آهي ته هو سنڌ شاعري جي سرموڙ سائين مير محمد پيرزادي جو ڀاڻيجو آهي جيتوڻيڪ هن جو والد به تمام سٺو شاعر آهي پر سائين مير محمد سان گڏ رهڻ ڪري هن جي شخصيت ۽ لکڻين مٿان گهڻي کان گهڻي محنت به ان جي ئي آهي .
سائل پيرزادو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ نرالو ۽ منفرد ماڻهو آهي هن جا خيال پکين جيان اڏامندا رهندا آهن، سندس شاعري ۾ جيترا خوشحال سنڌ جا عڪس آهن اوترو ئي سنڌ جي سورن جو داستان آهي، هن جي شاعريءَ ۾ پيار، سار، اڪنڊ، وطن، احساس ۽ جذبات گڏيل طور ساه کڻن ٿا ….
سائين سائل پيرزادي جي جنم ڏينهن تي مون جڏهن سندس شاعريءَ جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ته سڀ کان اول منهنجي ذهن ۾ اهي شعر اڀري آيا جيڪي هڪ دفعو پڙهڻ سان ياد ٿي ويا هئا شايد اُها سندس شاعري جي حسناڪي ئي آهي جو پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ سان گڏ ياد به ٿي وڃين ٿي. سائين سائل جا ننڍڙا نظم مختصر لفظن هڪ پيار جو پوٽريٽ آهن جن کي پڙهي ڪيتريون ئي يادون تازا ڪري سگهجن ٿيون.
گهگهه منجهان ٿو وڃين
هو مڙهو ڪير آ
ٿو دراوڙ لڳي ڳاٽ اُچي منجهان
نيڻ آلا نه ڪر
دل ڀروسو ته ڪر
هي وڇوڙي گهڙيون ڄاڻ پوريون ٿيون
پير چوپل بنا
نيڻ ڳوڙهن ڀنا
ٻارڙا سيءَ ۾ ٿا ڏسن پيءُ ڏي
هي ننڍا نظم پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏا نه وسيع آهن جن ۾ مختصر لفظن ۾ دل جون اُهي ڳالهيون چيل آهن جيڪي يا ته عاشق بيان ڪري سگهن ٿا يا شاعر، پر شاعري سائين سائل جو عشق آهي جنهڪري هو پنهنجي عشق جي سفر ۾ ايڏو ته ڌيان ۽ نفاست سان قدم کڻي ٿو جو سندس هر قدم موسيقي جهڙو ترنم پيدا ڪري وجهي ٿو .
هڪ دفعي اسان دوستن سان ڪاسبي مندر تي بيٺا هئاسين مون جڏهن سڄو منظر ڌيان سان ڏٺو ته سائين سائل جو ننڍڙو نظم منهنجي چپن تي اچي ويو.
راڳ يوسف ڪري
رقص مورن سندو
تو چيو ڪاسبي ٿا ملون پاڻ ۾
مان نظم پڙهي بس ڪئي ته فقير يوسف فورن چيو وري پڙهجان مون نظم وري پڙهيو فقير مونکان شاعر جو نالو پڇيو پوءِ هن ٻه چار ساڳئي ئي موضوع تي لکيل ٻين شاعرن جا طويل نظم به ٻڌايا پر پاڻ ئي چيائين ته هي ننڍڙو نظم پنهنجي جوهر ۾ ڏاڍو وسيع منفرد ۽ خوبصورت آهي
سائين سائل شاعري جي تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آهي هي سڀني صنفن سان خوب نڀايو اٿائين، هن جا غزل سنڌ جي درد جي دانهن به آهن ته محبوب جا اُهي ماڻا به آهن جن کي فقط حساس دل ئي محسوس ڪري سگهي ٿي، سائين سائل جي شاعري وطن جي وڻن، پکين، درياهن، راڳن ۽ ٻنين سان واسيل آهي ائين کڻي چئجي سائل جيان شعر ته سنڌي شاعريءَ جي گهاٽ ٻٻُر جي وڻ ۾ پيلن گلن جهڙا آهن جن جي ڪشش اُهي اکيون ئي محسوس ڪري سگهنديون جن اکين ۾ محبوب جي چولي جي گج جا گل سمايل هجن.
سائين سائل رڳو ڳوٺ جي ماڻهن ۽ سرسبز جڳهن کي ياد ناهي ڪندو پر هو ڳوٺ جي قبرستان کي به وساري ناهي سگهندو جتي سندس دعائون جو در سندس امڙ دفن آهي، مون ۽ سائين سائل جي وچ ۾ جڏهن مائرون جو ذڪر ٿيندو آهي ته هو هڪ اوڇنگار ڏيڻ چاهيندو آهي، پر شايد مونکي آٿت ڏيڻ خاطر ڏيئي ناهي سگهندو انڪري منور سراج جا هي لفظ اچاريندو آهي ته ”ٻار جي ڳچيءَ ۾ پيل تعويذ سندن مائرن جون اکيون هونديون آهن “ واقعي ماءُ جو وڇوڙو زندگيءَ مان سمورو ساءُ ئي ختم ڪري ڇڏيندو آهي انڪري ته سائين سائل لکيو .
ڳوٺ ۾ هاڻ آ
هڪ امان جي قبر
ان مٿان دل سندم
ٿي پئي آهي پڙُ
سڄي رات جاڳندي ۽ لکندي گذري آهي سائين سائل جا شعر اونداهي جو سينو چيرو سويري تائين مونسان ساٿ نڀائيندا رهيا آهن. وقت جي خبر ئي نه پئي ته ڪيئن گذري ويو پر روڊ تي لڳندڙ نعرن ٻڌايو ته صبح جي پهر ۾ شمع جا ديوانا انصاف خاطر روڊ تي سچ جي صدا بلند ڪري رهيا آهن. سرڪاري اديب اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي گهر ويهي رهيا آهن ۽ هڪ فرض شناس استاد جي ناحق قتل خلاف سندس ڌيئرون سراپا احتجاج آهن. مان شاعري جا ڪتاب ۽ وکريل پنا سهيڙي گهر جو در ٽپي انصاف لاءِ لڳندڙ نعرن جو جواب ڏيڻ شروع ڪيو ته سائين سائل پيرزادي جو تازو غزل مونسان روڊ تي ٽڪريو، ادب جو سياسي ۽ سماجي ڪارج دٻايو ويو آهي پر سائل جي غزل محسوس ڪرايو ته اڃان سنڌي شاعريءَ ۾ وطن واسين جو ڪيس رکجي پيو، اڃان ناانصافي خلاف رڃ مان رڙ اچي ٿي شايد انڪري ئي سائل جو جنم مونکي سجايو ٿو لڳي ڇو جو دولهه درياهه خان ڪريل تلوار کان ويندي هدايت الله لوهار جي وهايل رت تائين سنڌ جي سورمن جو ڌڻي آهي انڪري سندس جنم ڏينهن اوترو ئي تقدس سان سرشار آهي جيترو پهاڙي پاڇي ۾ گولي هلائيندڙ گوريلي جو ٿيندو آهي .
آزاديءَ ڏي پنڌ ڪرڻ لئه سورٺ آئي،
سنڌڙي! توکي سر ڏئڻ لئه سورٺ آئي
پيءُ وڃائي جيءُ وڃائي ڳاٽ کڻي هو،
مارئي تنهنجو مان رکڻ لئه سورٺ آئي۔
اونداهين مان ديس ڪڍڻ لئه سائل سائين،
ڏيئي وانگر رات ٻرڻ لئه سورٺ آئي.