اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججن کي شڪي خط مليا آهن. ذريعن موجب، هڪ جج جي اسٽاف خط کوليو ته خط جي اندران پائوڊر نڪتو، اسلام آباد پوليس جي ماهرن جي ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي، ٽيم پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته پائوڊر ڇا آهي؟ عدالتي ذريعن موجب، خط ۾ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ وارو نشانو پڻ موجود آهي، ريشم نالي عورت ايڊريس لکڻ بنا ججن کي خط موڪليا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽاف خط کوليو ته خط جي اندران پائوڊر نڪتو ۽ خط کولڻ کانپوءِ اکيون سڙڻ لڳيون. ذريعن موجب، متاثر اهلڪار فوري طور سينيٽائزر استعمال ڪيو ۽ هٿ منهن ڌوتو، جڏهن ته خط جي متن تي لفظ anthrax لکيل هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي پوليس کي طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته شڪي خط اهڙي وقت سامهون آهي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي هڪ خط ۾ عدالتي معاملن تي مداخلت وارو معاملو اُٿاريو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي پاؤڊر جا شڪي خط ملڻ تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪلارڪ قدير احمد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران تصديق ڪندي چيو ته اسان کي خط ملي ويو آهي، هي خط سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دير جو هڪ سبب هو، بنيادي طور تي هاءِ ڪورٽ کي ڌمڪي ڏني وئي آهي.