ڪوٽڙي ۾ بدامني خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، پنڌ مارچ، هڙتال، ڌرڻو

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي  ۽ ڀرپاسي ۾  بدترين بدامني ۽ پوليس جي نااهلي خلاف خلاف هزارين شهري روڊن تي  نڪري آيا، 3 ڪلو پيادل مارچ مک ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو، ڪوٽڙي جي ڪاروباري ماڻهن حاجي عبدالوحيد ڪابورو، اڪبر ٻٻر سلام لاشاري، محمد عمر جاکرو نظير ڀلائي ۽ ٻين جي سڏ تي خدا جي بستي، ڀٽائي ڪالوني ۽ بهار ڪالوني مان ڌار ڌار ريليون ڪڍي ڪوٽڙي اوور هيڊ برج تي ڌرڻو هنيون ويو، احتجاجي ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهون شريڪ ٿيا، جڏهن ته ڄامشورو ضلعي جي تمام وڏي مک بازار بهار ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني، خدا جي بستي بروهي چوڪ، ٻٻر اسٽاپ مڪمل طور تي بند رهيا، احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سموري شهر تي لوفرن جو راڄ آهي، روزاني بنياد تي چوريون، ڦرون ڌاڙا معمول بڻيل آهن ڪاروباري ماڻهن کان ويندي عام شهري تائين ڪير به محفوظ ناهي، پوليس متاثرن کي ٺلها آسرا ڏئي ٽاريندي رهي ٿي، رمضان شريف شروع ٿيندي ئي سمورا علائقا ڏوهارين حوالي ڪيا ويا آهن، وارداتن دوران ٽن کان وڌيڪ شهرين کي زخمي پڻ ڪيو ويو پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نه ئي وري ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، پوليس جي اھڙي لاپرواهي سبب روڊن تي ويهڻ تي مجبور ٿيا آهيون، پوليس جي سکڻن سهارن تي پاڻ کي نٿو ڇڏي سگهجي، هنن چيو ته اعليٰ اختياريون وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ حيدرآباد ۽ ٻيون اختياريون حساس معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ ايماندار ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز مقرر ڪري امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائن ٻي صورت ۾ پنهنجي ٻچن سميت روڊن تي ڪئمپ هڻي ويهنداسين، احتجاجي ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڙي، انچارج سي آءِ اي، ايس ايڇ او سائيٽ ۽ ٻين پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري هفتي جي مهلت گهري ورتي، احتجاجي ڌرڻو اهو چئي ختم ڪيو ويو ته جيڪڏهن هفتي اندر متاثرن سان انصاف نه ڪيو ويو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.