اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني آفيسر جو قتل، پرڏيهه فرار ٿيل جوابدارن جو پتو نه پيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني جي آفيسر امجد شاهه قتل ڪيس جي يو اي اي ۾ فرار ٿيندڙ جوابدار تقي حيدر شاهه ۽ سوئيڊن ۾  فرار ٿيندڙ خرم شهزاد جي وطن واپسي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته گهروکاتي ۽ پرڏيهي ورزات جي وچ ۾ رابطو نه هجڻ ڪري جوابدارن کي ملڪ ۾ واپس ناهي آندو ويو، گهرو کاتي جي نمائندي چيو ته يو اي اي جي حڪومت کي قيدين جي ڏي وٺ جي حوالي سان ڪجهه اعتراض آهن، عدالت چيو ته ان اعتراضن کي مهيني جي اندر ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.