ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر+م ڊ) حڪمران اتحاد سينيٽ ۾ 19 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. پيپلزپارٽي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون کٽي ورتيون، آزاد اميدوار واوڊا به سينيٽر چونڊجي ويو. سنڌ اسيمبلي جي سينيٽ جي 12 سيٽن تي 19 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو. سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ صبح 9.00 وڳي کان وٺي شام 4 وڳي تائين جاري رهي، جنهن ۾ 154 ميمبرن ووٽ ڏنو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نتيجن مطابق پيپلز پارٽي سنڌ مان 10 سينيٽ جي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ آزاد اميدوار هڪ، هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. اھڙي طرح سان جنرل سيٽن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار اشرف علي جتوئي، دوست علي جيسر، ڪاظم علي شاهه، مسرور احسن، نديم ڀٽو، ايم ڪيو ايم جو عامر چشتي ۽ آزاد اميدوار فيصل واوڊا سينيٽر چونڊيا ويا. اھڙي طرح سان عورتن جي سيٽ تي پيپلزپارٽي جي روبينا قائمخاني، قرة العين مري، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي سرمد علي ۽ بئريسٽر ضمير گهمرو ۽ اقليتي سيٽ تي پيپلزپارٽي جو پنجومل ڀيل سينيٽر چونڊجي ويو. پنجاب ۾ جنرل سيٽن تي وڙهندڙ سمورا ست اميدوار مارچ جي آخر ۾ بنا مقابلي چونڊيا ويا. عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن ۽ اقليتي سيٽن تي ووٽنگ ٿي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ ٻن ٽيڪنوڪريٽ سيٽن تي 128 ۽ 121 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. پنجاب ۾ عورتن جي مخصوص ٻن سيٽن تي مسلم ليگ (ن) جي انوشا رحمان 125 ۽ بشرا انجم 123 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. اقليتي سيٽ تي مسلم ليگ ن جو خليل طاهر سنڌو کٽي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينيٽ چونڊن ۾ پ پ جي ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آھي ۽ چيو آھي ته هي شاندار ڪاميابي صدر زرداري ۽چيئرمين بلاول ڀٽو جي سياسي ويزن جو نتيجو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون، جڏهن ته ڪجهه سيٽن تي چونڊيل اپوزيشن ميمبرن جي حلف برداري تي تڪرار سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون. غير سرڪاري نتيجن موجب سينيٽ جي 19 سيٽن مان مسلم ليگ (ن) 6، پيپلز پارٽي 11 ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.96 رڪني اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو انگ 24 ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جا 20 ميمبر آهن.