ڪوڙا تبصرا ڪري ڊالر ڪمايا پيا وڃن، ڇا اهڙن صحافين کي جيل موڪليون: چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاران صحافين کي نوٽيس جاري ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حڪومت مطيع الله جان جي ڪيس ۾ ڪجهه نه ڪيو ته اهڙو حڪم جاري ڪري ڇڏينداسين جيڪو پسند نه ڪيو ويندو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪوڙا تبصرا ڪري ڊالر ڪمايا پيا وڃن، ڇا اسان ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي جيل موڪلي ڇڏيون؟  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ صحافين کي ايف آءِ اي جي نوٽيس خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته حيدر وحيد واري درخواست جو ڪو پٽيشنر عدالت ۾ آهي؟ چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا اهڙي درخواست عدالت جو غلط استعمال ناهي؟ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته بلڪل اهو پراسيس جو غلط استعمال آهي. چيف جسٽس چيو ڇا اهڙيون درخواستون عدليا جي آزادي يقيني بڻائين ٿيون يا ان کي گهٽ ڪن ٿيون؟ ان پٽيشن جي سمورن درخواست گذارن کي نوٽيس ڪري طلب ڇو نه ڪيون؟ ان دوران اٽارني جنرل به درخواست گذارن کي نوٽيس ڪرڻ جي حمايت ڪئي. عدالت ۾ بئريسٽر صلاح الدين چيو ته حيدر وحيد ميڊيا ريگوليشن بابت پنهنجي درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿو. چيف جسٽس چيو حيدر وحيد ڪورٽ اٽينڊ ڪرڻ به نه آيو، ان جي پٽيشن اظهار جي آزادي کي يقيني بڻائي ٿي يا وڌيڪ روڪي ٿي؟ 2022 کان اها درخواست ڪهڙي بنياد تي داخل هئي، ڇا ان جو مقصد پورو ٿي ويو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ميڊيا ۾ وڏي چونڊيل رپورٽنگ ٿيندي آهي، هاڻ اهو رپورٽ نه ٿيندو ته اهي 6 درخواست گذار گم ٿي ويا، تنهن ڪري اسان چيو ته اسان پنهنجو يوٽيوب چئنل هلائينداسين، ايندڙ ڏينهن منهنجي گهرواري بابت غلط خبر هلي وئي، چيو ويو ته منهنجي گهرواري فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ مون سان گڏ ويٺي هئي، ڇا اسان سڄو ڏينهن ويهي وضاحتون جاري ڪندا رهون؟ چيو ويندو چيف جسٽس جي گهرواري جي ترديد جاري نه ڪئي، اهڙي خبر هلائيندڙن کي ڇا توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيون؟ ڇا فرد جرم لاڳو ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيون. چيف جسٽس چيو ته جيڪو گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو ايترو ئي سوشل ميڊيا تي کَپندو، ڪوڙا تبصرا ڪري ڊالر ڪمايا ويندا آهن، ڇا اسان ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي جيل موڪلي ڇڏيون؟  جيڪڏهن اسان نه ته گهٽ ۾ گهٽ الله کان ڊڄو! اهڙيون خبرون آهن جن جو ڪو به بنياد ناهي!  چيو ويو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات دوران منهنجي زال به موجود هئي! جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندو اهو بازار ۾ وڪرو ٿيندو! ڇا چيف جسٽس پنهنجي زال کي سرڪاري ميٽنگ ۾ ويهاري ٿو؟ جيڪڏهن اسان انهن صحافين کي فون ڪري انهن کان پڇنداسين ته اهي چوندا ته اسان پنهنجو ذريعو نٿا ٻڌائي سگهون! پوءِ اقرار ڪيو ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين! اهو هڪ ان گائيڊيڊ ميزائل بڻجي ويو آهي! ڇا اسان هڪ توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون؟ پوءِ چيف جسٽس ٻڌڻي جي حڪم نامي ۾ لکرايو ته ميڊيا ريگوليشن بابت پٽيشن واپس وٺڻ جي درخواست آئي، نه پٽيشن جو درخواست گذار عدالت آيو نه وڪيل، نه ئي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ. حڪم نامي موجب درخواست ۾ چيو ويو ته هاڻ وفاقي حڪومت ميڊيا ريگوليشن جو معاملو پاڻ ڏسي رهي آهي، اٽارني جنرل حڪومت سان جڙيل ان ڳالهه جي ترديد ڪئي. سپريم ڪورٽ پٽيشن جي درخواست گذارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ عدالت ڌرين کان لکت دليل به طلب ڪري ورتا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.