اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام (ف) آخرڪار بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني مولانا فضل الرحمان کي حڪمران اتحاد کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اسحاق ڊار ۽ يوسف رضا گيلاني مولانا فضل الرحمان کي حڪمران اتحاد کي ووٽ ڏيڻ تي راضي ڪري ورتو. مولانا فضل الرحمان جي فيصلي کانپوءِ جي يو آءِ جا ميمبر ايوان ۾ آيا.
-
پي آءِ اي ايئرهوسٽس ٻيهر گرفتار، منشيات هٿ
ڪراچي(م ڊ) ڪينڊين عملدارن پي آءِ اي جي ايئرهوسٽس جي حنا ثاني جي جوتن مان آئيس منشيات هٿ ڪئي آهي، فضائي ميزبان کي ڪجهه ڏينهن غير قانوني سرگرمين جي شڪ ۾گرفتار ڪيو ويوهو، ٽورنٽو ۾غير قانوني سرگرمين جي شڪ ۾ حراست هيٺ پي آءِ اي جي ايئرهوسٽس حنا ثاني جي معاملي حيران ڪندڙ موڙ وٺي ڇڏيو آهي، شروعاتي طور تي آزاد ڪرڻ کان پوءِ کيس هاڻي ٻيهر گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو آهي، پي آءِ اي جي ترجما حنا ثاني تي جيل منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ان جي خلاف مخصوص الزام اڃان تائين واضح ناهن، هي اڳڀرائي ايسٽر جي موڪلن جي ختم ٿيڻ تي ڇنڇر جي وچ ۾ سامهون آئي آهي، حنا ثاني مبينا طور تي ٽورنٽو هوائي اڏي تي مقرر پي آئي اي جي 2 ٻين اهلڪارن فائزا جاويد ۽ جميل جو نالو ورتو، جن مبينا طور تي انهن جي مدد ڪئي. اطلاعن مطابق ڪينيڊين اميگريشن عمدارن فائزا ۽ جميل کان رات دير تائين پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هن معاملي ۾ امڪاني ملوث هجڻ جو اشارو ڏنو.
-
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم وڌي ويو آهي: حليم عادل شيخ
ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته 6 ججن جي خطن کان پوءِ سڄي دنيا پاڪستان کي بنانا ريپبلڪ طور تي ڏٺو پيو وڃي، هي دنيا ۾ پهريان ٿيو هوندو ته عدالت جا جج پاڻ انصاف گهري گهريا هجن، حليم عادل شيخ چيو ته جڏهن کان ڌاڙيل، ڦورو حڪمرانن جي سنڌ ۾ حڪومت آئي آهي، سنڌ جو امن تباهه ٿي ويو آهي، ڪچي جا ڌاڙيل سرعام ڪارروايون ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم وڌي ويو آهي،شهرين جي جان ۽ مال محفوظ ناهي، ڀلاري مهيني ۾رڳو ڪراچي ۾10 کان وڌيڪ شهري ڦر دوران پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن.