ڪچي ۾ انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايس ايس پي ڪشمور لاءِ پنج لک رپيه روڪ انعام جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي الرٽ ڪري انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪچي واري علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت ڪيلن فيصلن ۽ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي سکر، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ يقيني ڪاميابي لاءِ غيرمعمولي حڪمت عملي ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ بابت گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو جائزو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.