ڪراچيءَ ۾ ايس ايس پي کي ”ٽوپي پارائيندڙ“ ايس ايڇ او معطل، شيشا بار سيل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا عام شهري جو روپ اختيار ڪري گلستان جوهر ۾ اڳوڻي ايس پي  راشد رند جي شيشا بار ڪيفي تي ڇاپو هڻي ايس ايڇ او کي معطل ۽ شيشا ڪيفي کي سيل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ايس ايس پي ايسٽ گلستان جوهر ۾ اڳوڻي ايس پي جي شيشا بار ڪيفي تي ڇاپو هنيو. پوليس موجب ايس ايس پي ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اتي شيشا ڪيفي نه هلي رهيو آهي؟ جنهن تي ايس ايڇ او گلستان جوهر مالڪ ابڙو ”سب ٺيڪ آهي “ جي رپورٽ موڪلي پراڻي وڊيو ايس ايس پي کي موڪلي ڇڏي، جنهن تي ايس ايس پي فرخ رضا ايس ايڇ او گلستان جوهر ملڪ ابڙو کي شيشا ڪيفي ۾ گهرايو، جڏهن ايس ايڇ او مالڪ ابڙو شيشا بار ڪيفي ۾ پهتو ته ايس ايڇ او کان پگهر وهي رهيا هئا. جنهن تي ايس ايڇ او کي ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ کي چيو ته هي ڇا آهي؟ پر ايس ايڇ او جواب نه ڏئي سگهيو. جنهن تي ايس ايس پي  ايس ايڇ او  کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ اڳوڻي ايس پي راشد رند خلاف ڪيس داخل ڪري شيشا بار ڪيفي کي سيل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب اڳوڻو ايس پي راشد رند ساٿين سميت فرار ٿي ويو. ڪارروائي دوران شيشي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.