اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل پشاور هاءِ ڪورٽ جو مخصوص سيٽن خلاف فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، سني اتحاد ڪائونسل طرفان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل سياسي پارٽين کي ڌر بڻايو ويو آهي.سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کان علاوه جن کي پارٽيون بڻايو ويو آهي انهن ۾ متحده قومي موومينٽ، پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز، پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ ٻيا شامل آهن. .