انڪارا ( م ڊ ) ترڪي جي مڪاني چونڊن ۾ صدر رجب طيب اردگان ۽ سندس پارٽي کي 2 ڏهاڪن کان وڌيڪ اقتدار ۾ بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ پيل ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.مڪاني چونڊن دوران صدر اردگان جي پيپلز الائنس ۽ مخالف ڌر جي ريپبلڪن پيپلز پارٽي وچ ۾ سخت مقابلو آهي. ترڪي جي سڀ کان وڏي شهر ۽ معاشي حب استنبول ۾ ريپبلڪن پيپلز پارٽي (سي ايڇ پي) جو موجوده ميئر اڪرام اماموگلو 60 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ اڳتي هلي رهيو آهي.