حماد اظهر منظر عام تي اچي ويو، 51ڪيسن ۾ ضمانت منظور

پشاور (م ڊ) 9 مئي سانحي کانپوءِ روپوش پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر منظر عام تي اچي  ويو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ابراهيم خان حماد اظهر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي, جنهن تي حماد اظهر عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت حماد اظهر جي 51 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته هو روپوشيءَ دوران ملڪ ۾ هو، گذريل 8 مهينن کان ملڪ جي قانون سان ڀوڳ ڪيو ويو. منهنجي خلاف هڪ ئي وقت 51 ڪيس ٺاهيا ويا. هن چيو ته عدليه، جمهوريت ۽ انسانيت ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويو. مون سان ۽ منهنجي خاندان سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي افسوس آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جنهن پارٽي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان کٽيو ان کي شڪست ڏني وئي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ڪري سمورا تفصيل بيان ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.