سنڌ کي اڏامي ويل امن جي پکيءَ جي ڳولا

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

دنيا ۾سڪون ۽ ترقيءَ جوھجڻ امن سان مشروط ھوندو آھي. امن ئي دنيا۽انسان ذات ۽ ڌرتيءَ جي اصل خدمت آھي. ملڪ جي آزاديءَ کان ترت پوءِ حڪومتن جي تڪڙي تبديليءَ پوري ملڪ خاص طورتي سنڌ ۾امن جا پيرا بدامنيءَ جي ڊسڙ ۾وڃائبا رھيا. مگر مجموعي طورحالتون اڄ کان بھتر ھيون. ان وقت جي حڪومتن وٽ بدامنيءَ لاءِ انتظامي ڪمزوري ۽ مالي مشڪلاتن جو جواز ھيو. پر ستر جي ڏھاڪي جي آخر ۾ان وقت جي غاصب حاڪم سنڌ جي عوام کي عوام دوستي ۽ جمھوريت پسندي جو پڪوپھه ڪيو. جنھن لاءِ جيل ٽوڙائي ڏوھارين کي ڊگھور سو ڏئي انھن ۾پنھنجن مخصوص ماڻھن پاران ھٿيار تقسيم ڪيا ويا. ڏوھارين ۽ ھٿيارن جي واپارين جي درميان سڌا رابطا ڪرائي ڇڏيا. ھٿيار فروشن ۽ خريدارن جي درميان واريون سڀ رڪاوٽون دور ڪيون ويون. شريف ماڻھونءَ خلاف لٺ باٺي رکڻ جي ڏوهه به فرياد داخل ڪئي پئي وئي. جڏھن ته ھينئر وڏي ڏوھاريءَ خلاف ڪلاشنڪوف رکڻ خلاف به فرياد داخل ڪرڻ کان لنوايو پيو وڃي.

ٿوري وقت ۾ ائين محسوس ٿيڻ لڳو آھي ته بدامنيءَ پوءِ اھا ڪھڙي به شڪل ۾ ھجي نفعي وارو ڪاروبار بڻجي وئي آھي. ننڍن ڏوھارين به ھلڪي ڦلڪي ۽ مال جي چوري ڇڏي انسانن کي اغوا ڪري لکين روپين جو ڀنگ ڪمايو وڃڻ لڳو آھي. ڳالهھ ايترو وڌي وئي جوعوام مال کي رات جوکليل ڇڏي ٿو پر گھرڀاتين کي سج لھڻ کان اڳي گھرن ۾واڙي محفوظ ڪرڻ لڳا. ماڻھن اوطاقن ۽ کليل ميدانن ۾ سمھڻ ۽ ويھڻ ڇڏي ڏنو. اوطاقن جي ويران ڪرڻ ۾ ڌاڙيل ثقافت جو وڏو ھٿ آھي. ان بدامني ٻيا به ڪيترائي ڪڌا ڪاروبار شروع ڪرائي ڇڏيا. جيئن ته نشي دار شين ۽ ھٿيارن کي نفعي وارو ڌنڌو سمجھي چڱن ڀلن پئسي وارن ماڻھن ان ڪم ۾پئسا سيڙائڻ شروع ڪيا. ان ڌنڌي ۾ ٽي عنصر ملوث آھن. حڪومت جي مجبوري نما واري لاپرواھي پوليس ۽  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڍرائي ٽيون بيروزگار ۽ ڏوھاري ذھنن وارا نوجوان شامل آھن. اھو ڄاراڄ ڏينھن تائين ايڏو مضبوط آھي جيڪو ٽٽڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. جنھن ڏينھن اھو ٽوڪڙو اتحاد ٽٽو ان ڏينھن سنڌ ۾ امن جا امڪان چٽاٿي ويندا. اڳتي ھلي ان بدامنيءَ ۾وڏيرڪو سرداري نظام۽ سرداري نظام به ان رنگ ۾رنڱجي ويو آھي. انھن ڌرين ڌاڙيلن ۽ امن دشمنن سان تعلق ھجڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ڌاڙيل ۽ ڏوھاري نه ته آسمان تي ٿا رھن جواتان لھي وارداتون ڪن ٿا. جڏھن ته ھٿيار به ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ھوا کي ته ڪونه استعمال ڪيو ويندو آھي. ان ڪم ۾ به انساني ڪاوشون ڪتب اچن ٿيون. جنھن ڪري انسان جيڪو به ڏوھاري آھي. ان تي نظر رکي وڃي ته ڏوھن تي ضابطو ٿي ويندو. ڏوھاري ته جنت جي اميد ۾ دوزخ خريد ڪري رھيا آھن. بدامنيءَ جي جن کي بوتل مان نڪتي پنجيتاليھه سال ٿي ويا آھن. جڏھن ته ان بوتل جو ڍڪ ان جي مالڪن سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو آھي. جنھن ڪري بدامنيءَ جو جن مادر پدر آزاد گھمي رھيوآھي. جنھن سبب بدامني گھٽجڻ بجاءِ وڌي رھي آھي. باقي عوام ويچارو اڪيلو ڦرجي ۽ مارجي رھيو آھي. دوڪاندار دوڪان ۽ ڌنڌي وارو ڌنڌي ۾ محفوظ ناھي. ڪارخانيدار ڀتي خورن مان بيزار ٿي ڪارخانا بند ڪري ٻاھر منتقل ڪري رھيا آھن. بدامني ملڪي معيشت جي سڀ کان وڏي دشمن آھي. امن کانسواءِ ملڪ جي معيشت جي ترقي ديواني جو خواب بڻجي وئي آھي. مقامي انتظاميه امن امان قائم ڪرڻ وارن ادارن ۾ به عددي تعداد ۾ به روز بروز اضافو ٿي رھيو آھي. اھو واڌو تعداد به بدامنيءَ اڳيان بيوس آھي. ھينئر امن جو وکر بدامنيءَ جي واھڙ ۾لڙھي رھيو آھي. جنھن جو تيز رفتار وھڪرو ضابطي کان ٻاھرآھي. بدامنيءَ جي باهه ۾انساني اغوا قبيلائي جھيڙا ذاتي دشمنيون نه سھپ ۽ بيروزگاري باهه ۾ تيل وجھڻ جوڪمڪري رھيا آھن. دنگ ۽ ننگ ته ان حال ۾ ڪنھن به طرح محفوظ ناھن. ڪيترن ڏوھارين بدامنيءَ کي روزگار جو ذريعو بڻائي ورتو آھي.

بدامني ھاڻي ڏوھارين لاءِ مفادن جي جنگ بڻجي چڪي آھي. ماڻھون نه ته گھرن ۾ محفوظ آھن نه گھٽين ۾ ھٿيڪا نهوري ڪاروباري ھندن تي ھٿيڪا آھن. شھرن ۾ گھٽين جا ڏوھاري ايترا ڇڙواڳ ٿي ويا آھن جو اھي مارا ماريءَ سان گڏ ڏينھن ڏٺي جو ڦرلٽ ۾ مصروف ٿي ويا آھن. ڏوھاري پوليس کي ڊوڙائيندا ٿا وتن ۽ بظاھر پوليس بيوس ۽ لاچار نظر اچي ٿي. بدامنيءَ جي ڪري ٻاھريان سيڙپڪارسيڙپ کان لنوائن ٿا. ٻاھرئين ملڪ ويل ماڻھون اتان ڪمايل سرمايو ملڪ موڪلڻ يا سيڙائڻ کان ڪيٻائين ٿا. ان سبب سنڌ ۽ ملڪ جون معاشي حالتون بد کان بدتر ٿي رھيون آھن. اجڪلھه سنڌ ۾ ٻن قسمن جا ڌاڙيل سرگرم آھن. ھڪڙا ڪچي جا ڌاڙيل ٻيا پڪي جا ڌاڙيل آھن. مگر ٻنھي قسمن جي ڌاڙيلن جا پيرا وس وارن جي وستين ۾وڃي گم ٿي وڃن ٿا. جتي انتظامي عملدارن جا پير به سڙن ٿا.

موجوده حالتن ۾ چند سئو ڌاڙيل ڄڻ لکن انتظامي اھلڪارن کان ڏاڍا نظر اچن ٿا. مثال طور فضيلا سرڪيءَ کي اغوا ٿئي سترنھن سال ۽ پريا ڪماريءَ کي گم ٿئي ساڍا ٽي سال ٿي ويا آھن. جنھن لاءِ سموري سنڌ احتجاج ۾آھي. پر ٿئي ڪجھه به ڪونه ٿو. سرڪار به ھاڻي رڳو بيانن تي گذارو ٿي ڪري. باقي رڳو صوبيدار ايس پي ۽ آءِ جي جي بدليءَ سان ڪجھه ڪونه ٿيندو. جڏھن ته صوبيدار ايس پي آءِ جي کي اھا پڪ ناھي ته ھو ڪيترو عرصو ان عھدي تي رھندو. حالتن کي سمجھڻ کانسواءِ ھو ڪھڙا نتيجا ۽ ڪيئن ڏئي سگھندو؟ عملدار کي آزاد ڇڏي ھن جي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظررکي وڃي. سياسي ۽ وڏيرڪي مداخلت کان کين آجو رکيو وڃي ته ضرور ڪارڪردگي ڏيکاريندا. پوليس کي ڏوھارين کان بھتر ھٿيار ڏنا وڃن. ڇوته پوليس کي اھا شڪايت آھي ته ڏوھارين وٽ سندن کان بھتر ھثيار ھجڻ ڪري سندن روايتي بندوقن سان مقابلو ڪري نٿو سگھجي.

ڏوھارين جي ھٿيارن ۽ کاڌ خوراڪ جي رسد جا گھٽ گھيڙ بند ڪري کين ڀاڙي ڪري سگھجي ٿو. سنڌ جاپنج ضلعا شڪارپور قمبر شھدادڪوٽ جيڪب آباد ڪشمورڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪي ڌاڙيلن کان وڌيڪ متاثر آھن. جن مان ڪن ضلعن جون سرحدون ٻين صوبن سان ملن ٿيون. ليڪن اھي صوبا به اسان جي ملڪ جا آھن. جڏھن ته انھن ضلعن جي ڪچي جي ايراضي ايڏي وڏي به ناھي. جن ۾ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميه جو وھنوار آھي. چند سئو ڌاڙيل لکين عوام۽ ھزارين سپاھين کي سھڪائي وجھن ٿا. حڪومت ڪيتري به غريب ھجي مگر رياست وٽ ايترا وسيلا ۽ اختيار آھن جو ھو انھن ڏوھارين جو جڻ ٻچو رلائي سگھي ٿي. ڳالهھ آھي سچائيءَ ۽ چاھڻ جي ته ڪير ڇا ٿو چاھي؟ ڇا حڪومت ان فارمولي تي عمل ڪري رھي آھي ته عوام کي بدامنيءَ جو اھڙو باز بڇايو جو ھو پنھنجن سمورن انساني ۽ سياسي حقن تان ھٿ کڻي رڳوامن جو گھرجائو ٿي وڃي. جي ائين آھي ته پوءِ سرڪار وڏي غلط فھميءَ ۾مبتلا آھي. ڇو ته ان بدامنيءَ جو ڦل اڳي پوءِ سندس کاتي ۾ جمع ٿئي ٿو. نه وري ڪوھي بادشاھي يا آمرانه دور آهي. اھا حڪومتي بدنامي آخرڪار عوامي جذبن کي اڀاري وجھندي. جنھن جا نتيجا کيس ڀوڳڻا پوندا. صبر جي به آخر ھڪ حد ٿيندي آھي.

حڪومت عوام مان آخر ڪيتري صبر جي اميد رکي ٿي. ڇا تاريخ ۾ عوامي ڪاوڙ جانتيجادرج ڪونھن؟سنڌ اڄڪلھه ڪوس گھر جو منظر پيش ڪري رھي آھي. اسپتالن ۾ گھٽين ۾ روڊن تي واھن ۾ دريائن ۾ رڳو لاشا ئي لاشا آھن. عوام پنھنجن پيارن جي لاشن تي نوحه خوان آھي. ڇا ان ڪربلا جي ڏھين محرم۾اڃان ديرآھي؟عوام کان ته پيٽ گذر به وسري ويو آھي. باقي عمر سندن فريادون داخل ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ ڪورٽن مان انصاف گھرڻ ۾ گذرندي. سنڌ جو ھينئر اھم ۽ ٻرندڙ مسئلو امن امان جو آھي. عوام سرجيئدان ٿو چاھي. عوام نوڪرين ۽ روزگار کان وڌيڪ امن ٿو چاھي. ان ڪري حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي حڪومتي ترجيح به امن امان ھجڻ گھرجي. امن قائم ٿيڻ کانپوءِ ٻيا ڪم آسان ٿي پوندا. امن لاءِ حاڪمن کي جيڪي به ممڪن قدم ٿي سگھن کڻڻ گھرجن. ان ۾ ئي ڀلائي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.