تازو سنڌ جو ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻجندڙ سيد مراد علي شاھه ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڌاڙيلن وٽ خطرناڪ ۽ فوجي ھٿيار ڪيئن ٿا پھچن، ھن وڌيڪ اهو به چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ بدامني وڌي آھي. سچ اھو آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ ڪو اوچتو ظاھر ناھي ٿيو پر اھو عذاب گذريل پندرنھن سالن کان سنڌ تي مسلط ڪيو ويو آھي، جيڪو نگران حڪومت ۾ به جيئن جو تئين برقرار رھيو. ھونئن ته سنڌ مني صدي کان امن لاءِ سڪندي رھي آھي، مختلف وقتن ۾ مختلف طريقا ۽ حربا استعمال ڪري سنڌ جي امن کي سبوتاز ڪيو ويو، پر گذريل ڏيڍ ڏھاڪن کان ڌاڙيل جي جيڪا ڏاڍ مڙسي وڌي آھي، ان جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ به ملڻ مشڪل آھي، ڇو ته ھٿياربند شھرين کي ڏينھن ڏٺي جو ۽ گھران سڏ ڪري اغوا ڪرڻ لڳا آھن ۽ مغوين تي انسانيت سوز تشدد جون ويڊيوز ريڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري سنڌ سرڪار، سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪرڻ سان گڏ دنيا جي اڳيان سنڌين جو ڪنڌ پڻ شرم وچان جھڪائي ڇڏيو آھي.
ٽي ڀيرا وڏو وزير رھندڙ سيد مراد علي شاھه کي پنھنجي ٽن حڪومتي دورن دوران اھا به خبر نه پئجي سگھي آھي ته ڌاڙيلن وٽ اھڙا جديد ۽ خطرناڪ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ جيڪا سنڌ حڪومت جي وڏي نااھلي ۽ ناڪامي پڻ آھي.
مون کي حيرت آهي ته ڪنهن به صحافي کائنس اهو نه پڇيو ته اڍائي سالن کان پنهنجي والدين کان وڇڙيل معصوم پريا ڪماري اڃان تائين بازياب ڇو ناهي ٿي سگهي، جيڪا مراد علي شاهه جي گذريل دور ۾ پنهنجي گهر جي اڳيان سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي هئي، اهو سوال پڇڻ انهي لاءِ به ضروري هو ته ان سان سندس ردعمل ۽ پريا ڪماري ڪيس بابت سندس سنجيدگي ظاهر ٿي ها، ڇو ته پريا ڪماري جي اغوا جو جن ماڻهن تي الزام آهي انهن جو سياسي تعلق پڻ حڪمران جماعت سان آهي. پريا جي بازيابي ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو سنڌ ۾ هڪ وڏي سياسي تبديلي سان مشروط آهي.
ڌاڙيل جيڪي نه رڳو عام ماڻھن لاءِ عذاب بڻجي چڪا آھن پر اھي ڪيترن ئي پوليس اھلڪارن جي قتل ۾ پڻ ملوث رھيا آھن. ڪيترائي ڀيرا بجيٽ جاري ٿيڻ جي باوجود به ڌاڙيلن جي خلاف ڪو منظم آپريشن ڇو نه ٿي سگھيو آھي؟ ان جي پٺيان ڪھڙيون سگھاريون ڌريون ملوث آھن، جيڪي ڌاڙيلن کي ھٿيار وڪرو ڪن ٿيون يا اھي جن جا ڌاڙيل ووٽر آھن؟
منھنجي خيال ۾ اھو سمجھڻ به ڪو گھڻو ڏکيو ڪم ناھي. اھو راز معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي صرف اھو ڏسڻو پوندو ته جن جن علائقن ۾ بدامني، ڌاڙيلن جو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ وڌيڪ آھي، انھن علائقن ۾ ڪھڙي سياسي پارٽي جا اميدوار چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندا رھيا آھن، جيڪڏھن اسين گھوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور کي ڏسنداسين ته اھا پرولي ۾ سمجھه ۾ اچي ويندي، جيڪا وڏي وزير کي سمجھه ۾ نه پئي اچي.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو ڏاڍ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آھي، جنھن سبب ماڻهن ۾ عدم تحفظ جو احساس، بي چيني ۽ خوف واري ڪيفيت وڌندي پئي وڃي، سنڌ جا ماڻھو ڌاڙيلن جي خوف ۾ ايتري قدر وڪوڙجي ويا آھن جو کين ڪامورن جا گھپلا ۽ بنيادي مسئلا به وسري ويا آھن پر چونڊيل نمائندا گھڻي وقت تائين پنھنجا ڪرتوت ان طريقيڪار سان لڪائي نه سگھندا ۽ ماڻھن ۾ وڌندڙ خوف سندن سياسي خون به ڪري سگهجي ٿو.