ترڪ صدر طيب اردگان جي پارٽي کي مڪاني چونڊن ۾ وڏو ڌڪ لڳو آھي. مختلف ڌر جي جماعت استنبول ۽ انقره ۾ پڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ترڪ صدر جو چوڻ آهي ته هي وقت آهي جرئت سان پنهنجي احتساب ڪرڻ جو آھي.
ترڪي جي اهم اپوزيشن جماعت ريپبلڪن پيپلز پارٽي (سي ايچ پي )استنبول ۽ انقره جهڙن وڏن شهرن ۾ مڪاني چونڊن ۾ تمام وڏي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. استنبول جي ميئر ۽ اپوزيشن ليڊر اڪرام امامو اوغلو دعويٰ ڪئي آهي ته ترڪي جي سڀ کان وڏي شهر ۾ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن موجب سندس پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
اپوزيشن پارٽي(سي پي ايچ) راڄڌاني انقره ۽ ترڪي جي ٽيون نمبر وڏي شهر ازمير سان گڏ ڏاکڻي انطاليھ ۾ بھ فتح جي دعويٰ ڪئي آهي. سرڪاري نتيجن جي اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي، پر سرڪاري ميڊيا موجب مخالف ڌر وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ترڪي جي سرڪاري خابرو ايجنسي انادولو ، جي ابتدائي نتيجن بابت خبر ڏني آھي جنھن موجب مخالف ڌر جي جماعت،سي ايچ پي 81 شھرن ۾ ٿيندڙ ميئر جي چونڊن ۾ سڀني کان وڌيڪ سيٽون کٽيون آھن.
صدر رجب طيب اردگان جي حڪمران پارٽي ’جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي (پي ڪي پي ) اھڙن نتيجن جو اچڻ وڏو سياسي ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي. استنبول جي ھاڻوڪي ميئر اڪرام امام اوغلو رات دير سان سوشل ميڊيا تي پنھنجي حامين کي چيو ھو تھ ” استنبول جي ھڪ ڪروڙ 60 لک ماڻھن اسان جي مخالفن ۽ صدر لاءِ اھو پيغام موڪليو آھي. استنبول جي ۾ آچر واري ڏينھن ٿيندڙ مقامي چونڊن ۾ لکين ترڪن ميئرز ۽ ايڊمنسٽريٽرز جي چونڊ لاءِ پنهنجا ووٽ وڌا، جيئن ته ملڪ جي صدر رجب طيب اردگان جي حڪمران پارٽي سڀني وڏن شهرن مان کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جنھن مان صدر جي پارٽي جي مقبوليت جي گهٽجڻ جو اندازو ٿئي ٿو.
ترڪ صدر لاءِ اصل جنگ جو ميدان استنبول هو، جتي هو پيدا ٿيو ۽ وڏو ٿيو. ان ئي شهر مان ھن 1994ع ۾ ميئرجي طور چونڊجڻ بعد سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ھئي. اپوزيشن اڳواڻ امامو اوغلو استنبول ۾ پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين کي ٻڌايو تھ اسان ڏھ لک ووٽرن جي برتري سان پھرين پوزيشن تي آھيون.اسان اليڪشن کٽي چڪا آهيون.انادولو ايجنسي موجب اي ڪي پي، جي اميدوار مراد خرم اٽڪل 40 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.
راڄڌاني انقره جي ميئر منصور ياواس به پنهنجي، اي ڪي پي، جي سامھون مقابلي ڪندڙ اڳواڻ جي ڀيٽ ۾ 25 پوائنٽس جي فرق سان پنهنجي سيٽ برقرار رکي سگھيو آھي.سي ايچ پي،کي ترڪي جي ٽين وڏي شھر ازمير ۾ پڻ برتري حاصل ھئي.
اپوزيشن جي حاصل ڪيل مجموعي ووٽن جي مطابق ان کي صدر اردگان جي حڪمران پارٽي کان قومي سطح تي هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ پوائنٽ جي برتري ملي آهي.
انقره ۾ پارٽي هيڊ ڪوارٽر ۾ پنھنجي حامين سان ڳالهائيندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان تسليم ڪيو ته نتيجو سندس پارٽي لاءِ وڏو سياسي ڌڪ آھي.هن چيو ته بدقسمتي سان اسان ميونسپل اليڪشن جي امتحان ۾ اهي نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھيون جنهن جي اميد هئي. ستر سالن جي رجب طيب چيو ته اسين چونڊ نتيجن جو جائزو وٺنداسين۽ پنھنجو احتساب ڪرڻ جي جرئت ڪنداسين.
ھاڻوڪين چونڊن ۾ اٽڪل ڏھ لک کان وڌيڪ ماڻھن پهريون ڀيرو ووٽ وڌا آھن ميڊيا موجب مڪاني چونڊن ۾ ووٽن جي شرح اٽڪل 76 سيڪڙو ھئي. سن 2019ع جي مڪاني چونڊن ۾ پڻ اپوزيشن پارٽي سي ايڇ پي، استنبول ۽ انقره ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي ۽ هن ڀيري پڻ ساڳيا نتيجا سامهون آيا آهن.
هن مهيني جي شروع ۾ ئي صدر طيب اردگان چيو ھو ته ھاڻوڪي ميونسپل چونڊ سندس آخري چونڊ هوندي. هو 2003ع کان اقتدار ۾ آهي، جڏهن هو پهريون ڀيرو وزيراعظم ۽ پوءِ 2014 ۾ صدر چونڊيو ويو ھو.ھن 2017ع ۾ آئيني ترميم کانپوءِ وزيراعظم جو عهدو ختم ڪيو ھو، جنهن سان ملڪ جا انتظامي اختيار مڪمل طور صدر کي منتقل ٿي ويا ھئا.
گذريل سال مئي ۾ اردگان صدارتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ووٽن جي اڪثريت کان محروم ٿي ويو ھو، پوءِ رن آف ۾ ڪامياب ٿيو، جڏهن ته 2014 ۽ 2018 ۾ کيس واضح ڪاميابي ملي ھئي ۽ کيس رن آف جي ضرورت نه پئي هئي.