سنڌ جي وڏي وزير جي اڻ ڄاڻائي تي حيرت آهي

رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ بدامني بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي ملٽري طرز جا جديد هٿيار ڪيئن ٿا پهچن. اهي هٿيار هتي ته نٿا ٺهن، ظاهر آهي ته ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان هتي پهچايا وڃن ٿا. اها ڳالهه هڪ اهڙو وڏو وزير ڪري جيڪو لاڳيتو ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻيو هجي، تنهن جي اڻ ڄاڻائي تي حيرت جو اظهارئي ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير اهو به چيو ته جلد پوليس، رينجرز ۽ فوج جي مدد سان امن امان قائم ڪنداسين. هوڏانهن گهرو وزير ضياء لنجار پڻ پريس ڪانفرنس ڪندي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پريا ڪماري جو ڪيس پراڻو آهي الله ڪري ته اها زنده هجي. هن ٻڌايو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.

اسان هميشه کان اهو چوندا رهيا آهيون ته پ پ حڪومت جنهن کي لاڳيتو چار ڀيرا حڪومت ملي هجي ۽ جنهن جي وڏي وزير کي لاڳيتو ٽي ڀيرا وڏ وزارت مليل هجي تنهن جو ته مضبوط نيٽ ورڪ قائم ٿي چُڪو هجي ها. جيستائين ڌاڙيلن کي جديد هٿيار ملڻ جو سوال آهي ته ان جو جواب ته خود وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڏيڻ گهرجي. اسان جو کانئس جوابي سوال اهو آهي ته ڌاڙيلن کي ڀلي ڪٿان به هٿيار ملندا هجن ڇا اوهان جي شهرن جي رستن تي چڪاس جو ڪو انتظام ناهي، ڇا اوهان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي جهنگن کي ڪڙو نٿا چاڙهي سگهو، ڇا ڌاڙيلن جي نيٽ ورڪ کي ختم نٿا ڪري سگهو، ڇا ڌاڙيلن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهو؟

بهرحال ڪجهه به هجي امن امان قائم رکڻ حڪومت جي ئي آخري ذميواري هوندي آهي. اسان اهو به لکندا رهيا آهيون ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپرِيشن ناممڪن ناهي. نواز شريف جي حڪومت ته ماضي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف نوي جي ڏهاڪي ۾ ۽ 2013ع ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف مثالي آپريشن ڪري به ڏيکاريو هو. ته پوءِ پ پ جي سنڌ حڪومت ڇو نٿي اهڙو سگهارو ۽ فيصلائتو آپريشن ڪري سگهي؟ حڪومتي نيٽ ورڪ هر لحاظ کان ڏوهارين جي نيٽ ورڪ کان مضبوط هجڻ گهرجي. حڪومتي نيٽ ورڪ کي بلڪل به خبر هئڻ گهرجي ته ڌاڙيلن کي جديد هٿيار ڪيئن ٿا پهچن ۽ پريا ڪماري زنده آهي يا ناهي اها خبر حڪومت کي وڌيڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اڻ ڄاڻائي جو اهو عالم آهي ته اها حڪومت جي ناڪامي آهي يا ان کي ناڪامي سمجهڻ گهرجي.

اسان حڪومت کي صلاح ڏينداسين اها پنهنجي رٽ قائم ڪري، نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪري ۽ حڪومتي وسيلن کي درست نموني استعمال ڪرڻ تي پنهنجي توانائي خرچ ڪري چوٿون ڀيرو لڳاتار حڪومت ڪرڻ واري وسيع تجربي جي روشني ۾ موجوده پ پ سرڪار کي هر قيمت تي گڊ گورننس قائم ڪرڻي پوندي.

وفاقي حڪومت پيٽروليم جا اگهه وڌائي ”عيد“ ويتر مهانگي ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت عيد جي موقعي تي رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ تقريبن 9 روپيا 66 پيسا في ليٽر مهانگو ڪري ويتر مهانگائي جي طوفان کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.

اسان وٽ عيد جي موقعن تي هونئن ئي عام ماڻهن جي بجيٽ تي واڌارو بار پوندو آهي. معمول جي خرچ کان چئوڻ پنجوڻ تي خرچ وڌي ويندو آهي. هر شئي مهانگي ٿي ويندي آهي. عيد جي موقعي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ وارا به معمول کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندا آهن. اهڙي موقعي تي وفاقي حڪومت پيٽروليم جا اگهه وڌائي ويتر عوام جي ”عيد“ مهانگي ڪري ڇڏي آهي.

عيد جي موقعي تي پيٽرول جي واڌ سبب هاڻي هر شئي وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته هر شئي ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽرانسپورٽ پيٽرول تي هلندي آهي. سو جيڪا به شئي ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل هوندي سا مهانگي ٿي ويندي. پنهنجن مٽن مائٽن سان عيد ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن ويندڙ ماڻهن جو سفر هاڻي وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو، ڀاڙا ۽ ٻيا خرچ اڃان به وڌي ويندا ۽ حڪومت وٽ به اهڙو ڪو فعال انتظام ناهي جو اها وڌايل اگهن کي روڪي سگهي تنهن ڪري مهانگائي جو اهو بم سڌو سنئون عوام جي ”عيد“ ۽ ان جي خوشين تي اڇلائڻ سمجهيو ويندو.

ان مهانگائي جي بم سان عوام جي معاشي صورتحال وڌيڪ تباهي جوڳي بڻائي وئي آهي جنهن تي افسوس جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو. ڇا اهو ممڪن نه هو ته عيد جي موقعي تي گهٽ ۾گهٽ پيٽروليم اگهه نه وڌايا وڃن ها. جيڪڏهن ڪو رليف نه پيو ڏئي سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ پيٽروليم جا اگهه وڌائي عوام جي خوشين تي ته مهانگائي جو بم نه اڇلايو وڃي ها. اهو موقعو ڪنهن ريت به مناسب نه هو. نئين وفاقي حڪومت کي بجاءِ ان جي ته عوام کي ڪو رليف ڏئي ها الٽو ان پيٽروليم جا اگهه وڌائي ڇڏيا جنهن سان مهانگائي جو طوفان ڳنڍيل هوندو آهي. هاڻي هر شئي جي قيمت وڌي ويندي ۽ ائين عوام لاءِ هيلوڪي عيد هن پيٽروليم جي واڌ سان ويتر مهانگي ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.