پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جي ريلي

ڪراچي (پ ر)سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ڪورنگي پاران لال مسجد بلال ڪالوني کان مرتضيٰ چوڪ بلال ڪالوني ڪورنگي تائين ٻن  سالن کان سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ ۽ قومپرست اڳواڻ  استاد سائين ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي نائب صدر ياسين جھلڻ ۽ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاھد کوسي، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ غني عاجز ۽ ضلعي ڪورنگي صدر شعيب شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته رياستي نااھلي جي انتھا اھا آھي جو ٻن سالن کان سنگرار مان 5 سالن جي معصوم نياڻي پريا ڪماري اتان جي وڏيرن ۽ پيرن جي حويلي ۾ قيد آھي پر نه پوليس، نه حڪمران ۽ نه ئي رياست جي ڪنھن اداري ۾ جرئت آھي جو ان معصوم نياڻي کي انھن ظالمن کان آزاد ڪرائي ان جي امڙ جي حوالي ڪن، رياستي ادارن ۽ حڪمرانن جي خاموشي مان اھو واضح آھي ته اھي پير ۽ وڏيرا انھن جا پاليل آھن ۽ پنھنجن ماڻھن جي خلاف ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھن. هنن چيو ته  ھدايت لوھار جو قتل سياسي قتل آھي ۽ ان ۾ سڌي سنئين رياست ۽ ان جون ايجنسيون ملوث آھن. ان موقعي تي ذلفقار پنھور، زمان شاھ، امام بخش، سلطان سنڌي،مڪيش ڪمار، اعجاز عمراڻي،حسام الدين سومري،صداقت، عباس سنڌي، وسيم سومري ۽ قومي ڪارڪنن سان گڏ بلال ڪالوني جي رھواسين ۽  شعور رکندڙ دوستنو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.