ميرپورخاص ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، وارثن جو لاش سوڌو ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو لاش سميت مظاهرو، ميرپورخاص جي علائقي ڀثي ھوٽل لڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران ميرپورخاص  رنگ روڊ تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي مظاھري جي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس وارثن کي انصاف جي فراھمي جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن بعد مارجي ويل نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي ڀاءُ اشتياق حسين جي فرياد تي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي تي جوابدارن جاويد اقبال سندس ٻن پٽن جھانزيب، جنيد ۽ عارف ڀٽي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس ڀاءُ جو جھانزيب مغل وارن سان تڪرار ھلندڙ ھو جھانزيب وارن پاران داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس خلاف ڀاءُ عدالت ۾ ھرجاني جو ڪيس داخل ڪرايل ھو جيڪو ھلندڙ آهي ان ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ اسان جي گهر جي دروازي تي اچي ڀاءُ کي سڏ ڪيو ته ڀاءُ جي اچڻ تي ھنن پسٽل ڪڍي ڀاءُ کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ ۽ فيصلو ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو پسٽل ڏسي ڀاءُ گهر اندر ھليو ويو جنهن بعد ڀاءُ روزو افطار ڪري منهنجي ننڍي ڀاءُ اشرف جي دڪان تي آيو ته سلور ڪلر جي الٽو ڪار ۾جاويد اقبال سندس پٽ جنيد، جھانزيب ۽ عارف ڀٽي وارا آيا جتي جاويد جي بڇ تي عارف ڀٽي فائر ڪيو جيڪو مس ٿيڻ تي جنيد پسٽل وٺي فائر ڪيا جنھن جي نتيجي ۾ منھنجو ڀاءُ زخمي ٿي پيو ۽ جوابدار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي وي، ڀاءُ سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.