حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي گورنر ڪچي جي ڌاڙيلن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته وفاق جي نمائندي جي حيثيت سان ارسا آرڊيننس جي حوالي سان سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن جي روشني ۾ وزيراعظم سامهون ڳالهه رکندس. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ آءِ ٽي پروگرام بابت ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ جديد تعليم جي حاصلات تمام ضروري آهي ۽ اهو ئي سب آهي جو اسان سڀني نوجوانن کي گورنر هائوس ڪراچي ۾ آءِ ٽي ڪورس شروع ڪرائڻ بعد هاڻي حيدرآباد ۾ پڻ پهرين مرحلي ۾ ٽيسٽ کانپوءِ 50 هزار شاگردن کي آئي ٽي ڪورس ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون، آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ بنيادي ڪورس کان وٺي آرٽيفيشل انٽليجنس جو ڪورس پڻ ڪرايو ويندو، ڪورس ڪرڻ بعد نوجوان لکين رپين تائين ڪمائڻ جي اهل ٿي سگهندا، ان پروگرام جو دائرو سنڌ جي وڌيڪ 6 ضلعن تائين وڌايو ويندو، ارسا قانون بابت سوال تي هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اختيارن تي ته آئون نٿو ڳالهائي سگهان پر وفاق جو نمائندو هئڻ جي ناطي ڪنهن به خدشي ۽ اعتراض جي بنياد تي صوبي ۾ ڪو احتجاج ٿي رهيو آهي ته ان بابت وزيراعظم سامهون ڳالهه ضرور رکندس، ڪچي جي ڌاڙيلن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته غربت ڏوهن کي جنم ڏيندي آهي ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن کي به گهرجي ته اهي پنهنجن ٻچن کي آءِ ٽي جي تعليم ڏيارين ته جيئن اهي معاشي طور تي مستحڪم ٿين.