صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه ۽ تجزيه نگار وسعت الله خان ۾ ملاقات

ڪراچي(رپورٽر) سياحت ثقافت نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ سان سينيئر صحافي تجزيي نگار وسعت الله خان ملاقات ڪري  سنڌ جي سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي مذھبي سياحتي مقام  موجود آهن، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا سميت ٻين پليٽ فارمن تي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت اجاگر ڪرڻ چاھيون ٿا۔

 

هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي سياحتي مرڪزن جي ڊاڪيومينٽريز ھلايون وينديون،  ننگرپارڪر سميت ٻين سياحتي مرڪزن تي سوشل ميڊيا جي ماھرن کان ڊاڪيومينٽريز ٺھرايون وينديون. هن چيو ته سنڌ جو سياحت جي حوالي سان مثبت چھرو ماڻھن آڏو آڻڻ چاھيون ٿا،  سياحتي ماڳن تي ملڪي توڙي غير ملڪي سياحن جو ڌيان ڇڪرائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.