سنڌ ۾ بدامني: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ طرفان ڌرين کي نوٽيس

سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ سنڌ ۾  امن امان جي بگڙيل صورتحال ۽ ڪچي ۾ ڌاڙن جي راڄ خلاف سکر پريس ڪلب جي  فنانس سيڪريٽري لالا شهباز خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پوليس ۽ لاڳاپيل  ڌرين جي غير موجودگي سبب عدالت ڌرين  کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي کانپوءِ درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر خان عبدالغفار خان عدالتي اڱڻ ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شهيد جان محمد جا قاتل ست مهينا گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ڪچي ۾ ڌاڙيلن پنهنجي ڏوهن جي رياست قائم ڪري ورتي آهي.

 

ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ وسيلا ۽ جديد هٿيار موجود آهن عوام جي جان و مال جي حفاظت ۽ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ۾ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ، ڦرون ۽ قتل جي واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪ فوج رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪرائي ڏوهي وارداتون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. بئريسٽر خان عبدالغفار خان وڌيڪ چيو ته عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 مئي تي مقرر ڪئي آهي، اميد آهي ته عدالت سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.