تعليم کاتي سنڌ ۾ ڊائريڪٽر، ڊي اوز ۽ ٽي اوز جي مقرري لاءِ سرچ ڪاميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي انتظامي عهدن تي مقرري جي حوالي سان اهم فيصلو ڪندي  صوبي ۾ اهم عهدن جي ميرٽ تي مقررين  لاءِ طور طريقو تيار ڪري ورتو آهي، تعليم واري وزير سردار شاهه جي هدايت تي تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر، ڊي اوز ۽ ٽي اوز جي مقرري لاءِ سرچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، تعليم کاتي مطابق ڊائريڪٽرز ۽ ڊسڪٽرز آفيسرز لاءِ قائم سرچ ڪاميٽي جوچيئرمين تعليم وارو وزير هوندو، سنڌ جي سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ چيف پروگرام مئنيجر آر ايس يو سرچ ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ٽي اوز  جي مقرري لاءِ قائم سرچ ڪميٽي جو چيئرمين اسپيشل سيڪريٽري هوندو، تعليم کاتي مطابق اهل آفيسر عهدن لاءِ اپلائي ڪندا، جن کي ميرٽ مطابق مقرر ڪيو يودو، اهم آفيسرن کي ويٽنگ پول ۾ رکيو ويندو ۽ ضرورت تحت عهدن تي مقرريون ڪيون  وينديون، جڏهن ته سرچ ڪميٽي  جي قيام سان هاڻي سڌي طرح آفيسرن کي عهدن تي مقرر نه ڪيو ويندو، سردر شاهه چيو ته سرچ ڪاميٽي مان اهل قرار ڏنل آفيسرن کي انتظامي معاملا هلائڻ جي حوالي سان ٽريننگ به ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.