شهرين پاران واٽر بورڊ جا بل ادا نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي، نقصان ٿئي پيو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي )رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني  بينچ ۾ڪي اليڪٽرڪ پاران ميونسپل چارجز وصولي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ڪي اليڪٽرڪ سان ٽيڪس وصولي جي معاهدي جي ڪاپي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

 

درخواستگذار جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا،  ڪراچي جي ميئر جو عدالت ۾ موقف هو ته درخواستگذارن کي ٽيڪس وصولي تي ڪو به اعتراض ناهي، هنن کي رڳو ڪي اليڪٽرڪ طرفان چارجز گڏ ڪرڻ تي اعتراض آهي، اسان سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عدالت ٻاهران  مرتضيٰ وهاب ڳالهائيندي چيو ته اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته ڪراچي شهر جو ڪيترو حصو ڪي ايم سي هيٺ اچي ٿو، شهر ۾ جڏهن به ڪا خرابي ٿئي ٿي ته ان جي ذميواري ڪي ايم سي تي پوي ٿي، شهرين پاران واٽر بورڊ جا بل ادا نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي، واٽر بورڊ کي 52 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن، پنهنجين شين کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، جيڪڏهن ڊجيٽل سسٽم اچي ويو ته پارڪنگ مافيا به ختم ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.