سنڌ ۾ بدامني سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهن: رياض چانڊيو

ڪراچي اوڀر (ن ع آ)  جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيرمين رياض چانڊيو ڪراچي ايسٽ پريس ڪلب تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ سنڌ جون حالتون ھاڻي ايتريون تـ  خراب ۽ بدتر ٿي ويون آھن جو ھاڻي اھي بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھن اغوا قتل ڦرون ھاڻي روز جو معمول بڻيجي ويون آھن ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ايترو تـ وڌي ويو آھي جو ماڻھو گھرن کان ٻاھر نڪرڻ کان خوفزدا ٿي ويا آھن، رياض چانڊيو وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي قابض آھي ھر روز سنڌ جو 24 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، سر سبز سنڌ کي جي زرعي معيشيت کي تباھ ڪرڻ جي ھڪ گھري سازش آھي سنڌ جي ڪئنالن تي فوج کي زمينون ڏنيون ويون آھن، واڳ ڌڻي سنڌ جي عوام کي مڪمل طور تي تباھ ڪرڻ چاھين ٿا عوام جيڪڏھن سجاڳي نه ڪئي ته تمام خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا، سنڌ اندر بدامني پريا ڪماري جي آزادي ۽ مسئلن جي حل لاءِ عيد کانپوءِ جدوجھد جو اعلان ڪنداسين، سائين جي ايم سيد جي ورسي تي صلاح مشوري بعد جدوجھد جو اعلان ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.